ڳڙھي ياسين (رپورٽ: حزب الله پيرزادو) ڳڙھي ياسين ۾ مھر ۽ مارفاڻي ڌرين ۾ ھلندڙ خوني تڪرار تان ھٿياربندن جو ھوٽل تي حملو، فائرنگ ۾ پوليس اھلڪار سميت 2 ڄڻا مارجي ويا، اھلڪار سميت 3 ڄڻا زخمي، پوليس جي چڙھائي، 2 ڄڻا گرفتار، ھڪ ڪار، 5 موٽرسائيڪلون ھٿ، 30 ڍور ڍڪ حوالي، خبر موجب ڳوٺ ٻانڀيھڙ ۽ ڳوٺ کنڊ مارفاڻي جي مھر ۽ مارفاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ خوني تڪرار تان مھر ڌر جي موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن فجر مهل ڊکڻ ناڪي وٽ ھوٽل تي حملو ڪري چانهه پيئندڙن تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ گوليون لڳڻ سبب پوليس اھلڪار داد محمد جعفري ٿڏي تي مارجي ويو، جڏھن ته ٻيو اھلڪار لکمير جعفري سميت مارفاڻي ڌر جا 2 ڄڻا بابل مارفاڻي ۽ فريد مارفاڻي ۽ جسقم اڳواڻ عبدالستار بروھي زخمي ٿي پيا، واقعي بعد ھٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، اطلاع تي ڳڙھي ياسين پوليس ۽ مارفاڻي برادري جا ماڻھو واقعي واري ھنڌ پھتا جن شھيد پوليس اھلڪار جو لاش ۽ زخمين کي اسپتال آندو، جتي زخمين جي ڳڻتي جوڳي حالت هجڻ سبب لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي زخمن جي سٽ نه سھندي بابل مارفاڻي دم ڏئي ڇڏيو، واقعي بعد حملي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڳڙھي ياسين، ڊکڻ، آغا فارم، دلاور مارفاڻي ۽ گولو دڙو ٿاڻن جي پوليس اي پي سي چين سان ڳوٺ ٻانڀيھڙ مھر تي چڙھائي ڪري ڳوٺ کي ڪڙو چاڙهي گھر گھر جھڙتي ورتي، جتان پوليس 2 ڄڻن کي گرفتار ڪري 5 موٽرسائيڪلون، ھڪ ڪار ھٿ ڪري ورتي، جڏهن ته 30 ڍور ڪاھي ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيا، رابطو ڪرڻ تي ڊي ايس پي ڳڙھي ياسين عبدالواحد ٻرڙو ٻڌايو ته مھر ڌر جي ھٿياربندن شھر اندر کليل دھشتگردي ڪري ڊيوٽي ختم ڪري ھوٽل تي چانھه پيئندڙ پوليس اھلڪارن مٿان حملو ڪري ھڪ کي شھيد ۽ ٻئي کي زخمي ڪيو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.