شڪارپور، ڪنڌڪوٽ، ڪرمپور(نمائندن وٽان) ڳڙهي تيغو جَي ڪچي ۾ آپريشن دوران پوليس جِي اَي پي سي تي ڌاڙيلن جو راڪيٽ سان حملو، 2 اهلڪارن سميت 3 ڄڻا شهيد ٿي ويا.
شڪارپور پوليس مغوين جي بازيابي لاءِ آپريشن شروع ڪيو تھ پاڻ اھلڪار پاڻ يرغمال بڻجي ويا، ڌاڙيلن ڳرن ھٿيارن سان فائرنگ ڪئي، جنھن دوران 2پوليس اھلڪارن سميت 3 ڄڻا شھيد ٿي ويا.
آپريشن دوران شھيد ٿي ويلن ۾ اهلڪار منور جتوئي، جهانزيب اڄڻ ۽ فوٽو گرافر حسيب شيخ شامل آھن، جڏھن تھ زخمي اھلڪارن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي.
ان کان اڳ اَي پي سي ۾ موجود هڪ اهلڪار جِي وڊيو به سامهون اچي وئي، وڊيو ۾ اهلڪار ٽن ڄڻن جَي شهيد ٿيڻ جِي تصديق ڪرڻ ڪري ٿو ۽ پاڻ سميت بچي ويل ٻين اهلڪارن جِي حياتي بچائڻ لاءِ اپيل به ڪري ٿو.
ٻئي پاسي پوليس وزيرستان واسي ٻن مغوين عنايت الله ۽ نقيب الله پٺاڻ کي بازياب ڪرائڻ جِي به دعويٰ ڪئي هئي.
ھوڏانھن ڌاڙيلن جي ھڪ وڊيو سامھون آئي آھي، جنھن ۾ ڳرن ھٿيارن سان ليس ھٿياربندن کي ڏسي سگھجي ٿو.