رستم/خانپور (رپورٽ: طيب جتوئي +عاصم دايو) خانپور ويجھو ڳڙھي تيغي جي ڪچي واري علائقي ۾ پراڻي خوني تڪرار تان فائرنگ ۾ 14 ورھين جو نينگر خادم پٽ عابد حسين تيغاڻي مارجي ويو. واقعي بعد ھٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، ٻڌايو پيو وڃي ته نينگر ڳوٺ ٻاھران چوپائي مال جي حفاظت ڪري رھيو ھو ته واقعو پيش آيو. ٻئي طرف ناپرڪوٽ پوليس جو چوڻ هو ته نينگر جي قتل جا اطلاع مليا آھن، ڪچي جو علائقو ھئڻ ڪري مقتول نينگر جو لاش وصول نه ٿي سگهيو،
نينگر جي مارجڻ بعد ڇڪتاڻ تيز: ڌريون مورچابند ٿي ويون
رستم: نينگر جي مارجڻ بعد علائقي واسين مطابق سموري علائقي ۾ ڏھڪاءُ پکڙجي ويو آھي، ٻئي ڌريون مورچا بند ٿي ويون آهن.
چوپائي مال جي چوري تان ڌرين ۾ تڪرار شروع ٿيو: 4 ڄڻا قتل ٿي چڪا
رستم: عابد تيغاڻي ۽ صدوري تيغاڻي جي ڌرين ۾ چوپائي مال جي چوري تان ڪجھه وقت اڳ تڪرار شروع ٿيو، جنھن ۾ عابد تيغاڻي جو ھڪ ۽ صدوري تيغاڻي جي ڌر جا 2 ڄڻا قتل ٿيل ھئا، جنھن بعد نينگر جي وارثن مطابق صدوري تيغاڻي جي ڌر جي ھٿياربندن حملو ڪري عابد تيغاڻي جي ڌر جي نينگر کي قتل ڪيو، جنهن بعد ٻنھي ڌرين جي مارجي ويلن جو انگ 2-2 ٿي ويو آھي.