ڳڙھي ياسين (ن پ ا) ڳڙھي ياسين ۾ موٽرسائيڪل ڦر خلاف جيھا برادري جي ماڻهن جو ڌرڻو، عتيق جيھو کان موٽرسائيڪل، موبائل، فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪرڻ خلاف جيھا برادري جي ماڻھن مولابخش جيھو ۽ عتيق جيھو جي اڳواڻي ۾ لاڙڪاڻه- شڪارپور انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو، مظاهرين مولا بخش جيھو، عتيق جيھو،غلام فريد، عارف جيهو ۽ ٻين چيو ته پوليس جي لاپرواهي سبب شهر ۾ بدامني وڌي وئي آهي، جوابدار سرعام ڦرلٽ ڪري وڃن ٿا، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي طرف 4 ڪلاڪ ڌرڻي بعد پوليس مظاهرين سان ڳالهيون ڪري روڊ کولرائي ڇڏيو.