ڳڙھي ياسين (ن پ ا ) ڳڙھي ياسين ڀرسان ڳوٺ مصري واھڻ ۾ ھڪ ھفتو اڳ ٻن سڳن ڀائرن نعمت الله جمالي ۽ حبيب الله جمالي ۾ گھرو مامري تان ٿيل جھيڙي دوران گولي لڳڻ سبب قتل ٿي ويل حبيب الله جمالي جو ڪيس ڳڙھي ياسين ٿاڻي سرڪار جي فرياد تي مقتول جي وڏي ڀاءُ نعمت الله جمالي مٿان داخل ڪيو ويو آھي. ان ڏس ۾ ڊي ايس پي ڳڙھي ياسين جي اڳواڻي ۾ پوليس ڳوٺ مصري واھڻ تي چڙھائي ڪري مقتول جي ڀاءُ نعمت الله جمالي کي گرفتار ڪري ورتو پوليس چڙھائي ۽ ڪيس داخل ڪرڻ خلاف جمالي برادري جي عورتن ۽ مردن رحمت الله جمالي جي اڳوائي ۾ لاڙڪاڻو شڪارپور انڊس ھاءِ تي ڌرڻو هنيو.ان موقعي تي رحمت الله جمالي، زرينه جمالي، شرمان، نورجهان، فوزيا جو چوڻ هو ته ٻه مھينا اڳ اسان جي نوجوان ڇوڪري سرھاڻ گھران نڪري وئي، جنھن جي اغوا جو  ڪيس داخل ڪرايو  پر پوليس نه ڇوڪري واپس ڪرائي ۽ نه ئي جوابدار گرفتار ڪيا. ھنن چيو  اسان جي نوجوان غيرت ۾ اچي پاڻ مٿان پسٽل سان فائر ڪري خودڪشي ڪئي آھي ھنن چيو ته ڇوڪري به اسان جي نڪري وئي مڙس به اسانجو مارجي ويو ۽ پوليس ڇوڪري جي پيءُ مٿان ڀاءُ جو  ڪيس داخل ڪري نعمت الله کي گرفتار ڪيو آھي پوليس اسان ظلم ڪري رھي آھي ايس ايس پي شڪارپور نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪري ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي ڊي ايس پي ڳڙھي ياسين خدابخش پنھور ٻڌايو ته  پوسٽ مارٽم رپورٽ مطابق مقتول حبيب الله جمالي کي گولي ھڻي قتل ڪيو ويو آھي جنھن جو قتل ڪيس سرڪار جي فرياد تي مقتول جي ڀاءُ مٿان  داخل ڪيو آھي جوابدار کي پڻ گرفتار ڪيو ويو آھي  جڏھن ته لڳل ڌرڻي سبب روڊ جي ٻنھي پاسن کان ڪيتريون گاڏيون بيھجي ويون 2ڪلاڪن کان پوءِ ڊي ايس پي ڳڙھي ياسين پاران انصاف جي خاطري ڪرائڻ  بعد روڊ کوليو ويو.