ڳڙھي ياسين(ن پ ا) ڳڙھي ياسين ۾ قبيلائي تڪرار تان ويڙهاند، 3 سڳن ڀائرن سميت 5 ڄڻا مارجي ويا، 2 ڄڻا زخمي، شهر ۾ ڪاروبار بند، شهر ڀرسان آغا فارم ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٻانڀيھڙ لڳ مھر ۽ مارفاڻي برادري جي ٻن ڌرين نبي داد مھر ۽ ھاشم دائوداڻي مارفاڻي ۾ مخبري جي ڳالھه تان جھيڙو ٿي پيو، ٻنھي ڌرين جي ھٿياربندن ھڪ ٻئي مٿان ھٿيارن جا منھن کولي ڇڏيا، ڇتي فائرنگ جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب مارفاڻي ڌر جي 3 سڳن ڀائرن ھاشم دائوداڻي مارفاڻي، بابل دائوداڻي مارفاڻي ۽ لالو دائوداڻي سميت منٺار نھالاڻي مارفاڻي ۽ مھر ڌر جو صدام مھر ٿڏي تي قتل ٿي ويا، جڏھن ته مھر ڌر جا 2 ڄڻا جھانگير مھر ۽ علي محمد مھر سخت زخمي ٿي پيا، قتل بعد مھر ۽ مارفاڻي ڌر جا ھٿياربند وري واقعي واري هنڌ پهچي ويا، فائرنگ سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، مارجي ويلن جا لاش 4 ڪلاڪن تائين واقعي واري ھنڌ پيل رھيا، دير سان ڳڙھي ياسين پوليس ۽ آغا فارم پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مارجي ويل 5 ڄڻن ۽ 2 زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد مقتولن جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.
علائقي ۾ ڇتي فائرنگ سبب ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، دڪاندار ڪاروبار بند ڪري ويا
ڳڙھي ياسين: مھر- مارفاڻي خوني تڪرار تان 5 ڄڻن جي مارجي وڃڻ کان پوءِ ڳڙھي ياسين شھر مان مھر برادري جا سمورا دڪاندار پنھنجو ڪاروبار بند ڪري ڳوٺن ڏانھن ھليا ويا. علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو.
سرعام فائرنگ باوجود حد جي پوليس واقعي واري هنڌ دير سان پهتي !
ڳڙهي ياسين: مهر-مارفاڻي ڌرين ۾ ڇتي فائرنگ هلندي رهي ، علائقي واسين جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ دير سان پهتي، جنهن سبب 5 انساني جانيون ضايع ٿي ويون.
مخبري الزام ۾ نوجوان کي سوگهو ڪرڻ تان ڌرين ۾ ويڙهاند
ڳڙھي ياسين: ذريعن موجب مھر ۽ مارفاڻي ڌرين ۾ ٿيل خوني تڪرار مھر ڌر جي ھٿياربندن پاران مارفاڻي ڌر جي نوجوان لالو مارفاڻي کي مخبري ڪرڻ جي الزام ھيٺ ھٿيار سميت زمين تان سوگھو ڪرڻ ۽ ھٿيار واپس نه ڏيڻ تان ٿيو، ٻنھي ڌرين جا ھٿيار بند آمھون سامھون ھجڻ ڪري ھڪٻئي مٿان ھٿيارن جا منھن کولي ڇڏيا، جنھن جي ڪري موقعي تي ئي 5 انساني جانيون ضايع ٿي ويون.
مهر-مارفاڻي ڌرين ۾ تڪرار هلندڙ: 16 ڄڻا مارجي چڪا
ڳڙھي ياسين: نبي داد مھر ۽ شھباز ممڻاڻي مارفاڻي ڌرين ۾ اڳ به تڪرار ھلندڙ آھي، جنھن تان مھر ڌر جا 4 ڄڻا ۽ ممڻاڻي مارفاڻي ڌر جي 4 ڄڻن سميت جعفري برادري جا 2 پوليس اھلڪار ۽ جمالي ڌر جي ھڪ ڄڻي سميت 11 ڄڻا گولين جي بک بڻجي چڪا آھن، تازو ٿيل تڪرار مارفاڻي ڌر جي دائوداڻي پاڙي ۽ مھر ڌر ۾ ٿيو آھي، جنھن تان 5 ڄڻا قبيلائي وڙھاند ور چڙھي ويا آھن.