ڳڙھي ياسين (رپورٽ:حزب الله پيرزادو) ڳڙھي ياسين ڀرسان گولودڙو واري علائقي جي ڳوٺ رشيد جعفري واسي نوجوان موٽرسائيڪل تي سکر کان واپسي تي جنت شاخ وٽ اڳواٽ تاڙ ۾ ويٺل ھٿياربندن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. اطلاع باوجود غلام شاھ ٿاڻي جي پوليس نه پھتي، لاش 3 ڪلاڪن تائين واقعي واري ھنڌ پيل رھيو، جنھن بعد وارث واقعي واري ھنڌ پھچي لاش کڻائي اسپتال آندو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻڌايو وڃي ٿو ته جعفري برادري جي ٻن ڌرين مانجھي جعفري ۽ غلام نبي جعفري ۾ خوني تڪرار ھلندڙ آھي، جنھن تان مانجھي جعفري واري ڌر جي ھٿياربندن ھٿان نوجوان خان دورو جعفري کي پلاند ۾ قتل ڪيو ويو آھي.