ڳڙھي ياسين (ن پ ا) ڳڙھي ياسين ڀرسان ڪاڪيپوٽا برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي تان جھيڙو، فائرنگ ھڪ ڄڻو مارجي ويو، ڳوٺ مارون ڪاڪيپوٽه ۾ ڪاڪيپوٽه برادري جي ٻن ڌرين ملان بشير ڪاڪيپوٽو ۽ صدرالدين ڪاڪيپوٽو ۾ زمين تي ٽريڪٽر جي گذرڻ تان جھيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران فائرنگ ۾ ملان بشير ڪاڪيپوٽو سخت زخمي پيو، جنهن کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هن دم ڏئي ڇڏيو، اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مقتول جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته قتل جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.