ڳڙھي ياسين(ن پ ا) ڳڙھي ياسين ٿاڻي جي حد ڳوٺ دودو ڏيٿو ۾ عطاءَ سومرو جي شادي تقريب ۾ فائرنگ ڪئي وئي، خوشي ۾ ٿيل فائرنگ دوران گوليون لڳڻ سبب 3 ڄڻا نثار سومرو، فاروق ڏيٿو ۽ شيراز سومرو سخت زخمي ٿي پيا، جن کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته زخمي نثار سومرو رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي گهوٽ جي ڀاءُ کي گرفتار ڪري ورتو، ٻڌايو پيو وڃي ته شادي تقريب ۾ خوشي ۾  فائرنگ ٿيڻ بعد گھوٽ عطاءَ الله سومرو ڀرسان پيل رپيٽر خالي سمجھي ھلايو ته سامھون ويٺلن کي ڪارتوس لڳي ويا. جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.