ڳڙهي خيرو(ن پ ا) ڳڙهي خيرو شھر ۾ بيگاري پل وٽ ڪار سوار ھٿياربندن ھوٽل تي ويٺل پيرسن کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو، فائرنگ ۾ 50 ورھين جي علي خان ميرالي موقعي تي ئي دم ڏئي ڇڏيو، شهرين مقتول جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، مقتول جي پٽ ذوالفقار ميرالي ٻڌايو ته اسان جو ڪنھن  سان تڪرار ناھي، پنھنجي برادري جي ماڻھن ناحق پيءُ کي قتل ڪيو آھي،ٻي طرف پوليس ڪارروائي ڪري بلوچستان واسي 4 ڄڻن عطا محمد ميرالي، صاحب خان ميرالي، صدام عمراڻي ۽ ڪيهر ميرالي گولو کي گرفتار ڪري ورتو.