ڳڙھي خيرو (ن پ ا) ڳڙهي خيرو ۾ روينيو ۽ زراعت کاتي جي عملدارن ڪارروائي ڪري ڀاڻ سان ڀريل 3 ٽرڪون ۽ 5 ٽريڪٽر ھٿ ڪري ورتا، هٿ ڪيل ڀاڻ بلوچستان ذريعي افغانستان اسمگل ٿي رھيو ھو، ان ڏس ۾ اسسٽنٽ مختيارڪار شھزاد سومرو ۽ زراعت کاتي جي فيلڊ اسسٽنٽ ديدار جمالي ٻڌايو ته ڀان بلوچستان ذريعي افغانستان اسمگلنگ ڪيو پئي ويو ته ڪارروائي ڪئي.