ڳڙهي خيرو (رپورٽ: ساگر ڀٽي) ڳڙهي خيرو ۾ قتل ٿيل صحافي جي تدفين، ان ڏس ۾ صحافي سيد محمد شاھه جي جنازي نماز ڳوٺ الطاف شاھه ۾ ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ سياسي سماجي، اڳواڻن، صحافين ۽ علائقي واسين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، جنازي نماز بعد کيس اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. ان حوالي سان صحافين خادم حسين بروھي ۽ ٻين چيو ته سيد محمد شاھه کي ھڪ سازش تحت قتل ڪري ڪارنھن جو رنگ ڏيڻ کي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جوابدار عبدالحسين 20 ڏينهن اندر پنھنجي ٻن گھروارين کي قتل ڪري چڪو آھي، پوليس کيس گرفتار به ڪيو پرکيس رشوت ۽ سياسي مداخلت تي آزاد ڪري کيس ٽئين قتل جو موقعو ڏنو ويو، ھنن چيو ته جوابدار کي استعمال ڪيو ويو آھي، ان ڪري اصل سازش ڪندڙن کي ظاھر ڪيو وڃي، ٻئي پاسي مقتول صحافي سيد محمد شاھه جو قتل ڪيس ڳڙهي خيرو ٿاڻي تي سندس پٽ سيد عامر شاھه جي فرياد تي ھڪ سڃاتل جوابدار عبدالحسين عمراڻي ۽ ٽي نامعلوم جوابدارن مٿان داخل ڪيو ويو آھي، فرياد ۾ ڄاڻايو آھي ته جوابدار پلاٽ جي معاملي تان صحافي کي قتل ڪيو آھي، جڏھن ته ايف آءِ آر ۾ اھو به ڄاڻايو ويو آھي ته سيد محمد شاھه طرفان خبرون ھلائڻ تان ڪجھه ماڻھو ناراض پڻ ھئا، ان ڪري ڪيس جي شفاف نموني جاچ ڪري چرچ ڏيندڙ ماڻھن کي ظاھر ڪري انصاف ڪيو وڃي.