ڳڙھي خيرو (ن پ ا) ڳڙهي خيرو ۾ جمعيت علماءِ اسلام  طرفان تعلقي ۾ بدامني خلاف ۽ حرمت رسول امن ريلي ڪڍي وئي، مولانا سليم الله بروھي ، اياز عمراڻي ، اسدالله حيدري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ 5 ڪلوميٽر مارچ ڪري ڳڙهي خيرو شھر پھچي بيگاري پل تي ڌرڻو ھنيو، اڳواڻن چيو ته ڳڙهي خيرو پوليس چور ۽ ڌاڙيلن جي ساٿاري بڻيل آھي، پوليس شريف شھرين کي تنگ ڪري ڪمائي جو ذريعو بڻايو آھي، تعلقي ۾ روزانو ڦر جون وارداتون ٿين ٿيون پر پوليس امن امان قائم ڪرڻ ۾ ناڪام آھي.