ڳڙھي خيرو(ن پ ا) ڳڙهي خيرو ۾ بدامني خلاف جميعت علماءَ اسلام ۽ شھرين جو  اسدالله حيدري، اياز عمراڻي،  ثناءَ الله جمالي، ديدار علي عمراڻي، رئيس عبدالرسول ۽ محمد صالح ڀٽي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري  مين شھدادڪوٽ روڊ تي سخت گرمي ۾ شاميانا لڳائي ٽي ڪلاڪ ڌرڻو ھنيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڳڙهي خيرو ۾ چوريون، ڦرون ۽ ڌاڙا روز جو معمول بڻجي ويا آھن، پوري تعلقي ۾ ڪو به روڊ محفوظ ناھي، گذريل رات به ڳڙھي خيرو ٿاڻي جي حد ۾ ھٿياربندن محمد عالم ۽ غلام رسول عمراڻي کي يرغمال بڻائي موٽرسائيڪل، 2 موبائل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا، انھن وڌيڪ چيو ته گذريل ھڪ ڏينھن اندر تعلقي ۾ 5 کان وڌيڪ وارداتون ٿيون آھن، انھن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد کان مطالبو ڪيو ته واقعن جو نوٽيس وٺي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ٻئي پاسي ايس ايچ او ڳڙهي خيرو معشوق شر ڌرڻي واري ھنڌ پھچي مظاھرين سان ڳالھيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو .