قاضي احمد (ن پ ا) اڳوڻي صوبائي صلاحڪار اسماعيل ڏاهري تي وڌيڪ هڪ ڪيس داخل، انگ وڌي 13 ٿي ويو، ايف آءِ آر سامهون اچي وئي ڳڙھي خيرو پوليس ٿاڻي تي داخل ڪيل گناهه نمبر 59/2024 ۾ اسماعيل ڏاهري جو پوليس ڊائري ۾ نالو ظاهر ڪيو ويو آھي، سرڪاري مدعيت ۾ ڪٽيل ايف آءِ آر جي متن مطابق 31 آڪٽوبر 2024ع تي شام جو 7 بجي جوابدار کان 18ڪلو چرس هٿ ڪيو ويو، جنهن ۾ جوابدار کي موقعي تي گرفتار ڪيو ويو، ايف آءِ آر ۾ ڪنهن به نامعلوم جوابدار جو ذڪر موجود ناهي، جاچ آفيسر پاران جاچ جي ڊائري ۾ اسماعيل ڏاهري جو نالو شامل ڪري عدالت ۾ 14 ڏينهن جوڊيشل رمانڊ جي درخواست ڪئي وئي آهي، جنهن تي ڳڙهي خيرو جي سول جج جي عدالت اسماعيل ڏاهري جو 14 ڏينهن جو جوڊيشل رماند منظور ڪندي 23 جنوري تي عدالت ۾ چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڳڙهي خيرو ۾ ڪيس داخل ٿيڻ بعد اسماعيل ڏاهري خلاف داخل ڪيل ڪيسن جو انگ وڌي 13 ٿي ويو آهي، جڏهن ته واضع رهي ته سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي حڪمن کي سنڌ پوليس رد ڪندي اسماعيل ڏاهري تي هڪ وڌيڪ ڪيس ظاهر ڪيو آهي، وڌيڪ هڪ ڪيس داخل ڪرڻ واري عمل کي سندس ڀيڻ حميدهه ڏاهري عدالتي توھين قرار ڏنو آھي، هن چيو ته پوليس عدالتن جي حڪم کي مڃڻ لاءِ تيار ئي ناهي.