ڳڙھي خيرو ( ن پ ا ) ڳڙھي خيرو ۾ شهيد ڀٽو پاران مھانگائي، منشيات، جوا ۽ بدامني خلاف بيگاري ڪينال پل تي ڌرڻو ھنيو ويو. محمد عارف عمراڻي، مسرور شھلياڻي، ماما عاشق لغاري، ڊاڪٽر ذاڪر لانگاھ جو چوڻ هو ته مهانگائي ماڻهن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، هنن چيو ته منشيات، جوا جا اڏا پوليس جي سرپرستي ھيٺ سرعام  ھلي رھيا آھن، مظاھرين مطالبو ڪيو ته منشيات ۽ جوا جا اڏا بند ڪرائي بدامني تي ضابطو آڻيو.