ڳڙھي خيرو ( ن پ ا ) ڳڙهي خيرو شھر جي مين چوڪ بيگاري پل ڀرسان پوليس چوڪي کان چند قدمن جي فاصلي تي اٺ هٿياربندن ڪمل ڪمار جي دڪان تي ڪاهه ڪري 8 لک نقد ۽ موبائل فون ڦري فرار ٿي ويا.  مزاحمت تي ھٿياربندن ڪمل ڪمار ۽ سندس پٽ منيش ڪمار مٿان سخت تشدد ڪري کين رتو رت ڪرڻ بعد شهر ۾ هوائي فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، جڏهن ته واقعي واري هنڌ کان چوڪي چند قدمن تي هئڻ باوجود ڪو به اهلڪار واپاري کي ڦر ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ نه پهتو. ٻئي طرف زخمي پيءَ پٽ کي علاج لاءِ تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس موجب واپاري ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي ناھن آيا. چوڪي ڀرسان ڦر جي واردات پوليس جي نااھلي ناھي توھان ڀلي لکي سگھو ٿا جڏھن ته پوليس چوڪي تي روزانو بڪتر بند گاڏي بيٺل ھوندي آھي واقعي واقعي ڏينهن بڪتر بند گاڏي چوڪي تي موجود نه ھئي ان تي ايس ايڇ او جو چوڻ ھو ته بڪتر بند گاڏي واپس ڪئي وئي آھي.