ڳڙهي خيرو واسي ٽڪ ٽاڪر جو ڪراچي مان تشدد ٿيل لاش هٿ

0
145
ڳڙهي خيرو واسي ٽڪ ٽاڪر جو ڪراچي مان تشدد ٿيل لاش هٿ
ڳڙهي خيرو واسي ٽڪ ٽاڪر جو ڪراچي مان تشدد ٿيل لاش هٿ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ايڪتا ڏهاڙي تي گم ٿيل ڳڙهي خيرو واسي ٽڪ ٽاڪر علي دوست بليدي جو تشدد ٿيل لاش هٿ، 3 ڊسمبر تي سائيٽ سپر هاءِ وي واري علائقي مان علي دوست بليدي گم ٿي ويو هو، 5 ڊسمبر تي فقيرا ڳوٺ وٽ جهنگ مان هڪ لاش مليو هو، اهو لاش علي دوست بليدي جو نڪتو

مقتول جي سوٽ جميل خان موجب علي دوست جو هٿ پير ٻڌل لاش مليو، جوابدارن رومال سان گهٽا ڏئي کيس بيدردي قتل ڪيو، علي دوست جو موبائل فون ۽ پرس گم آهن، علي دوست گهران اڪيلو نڪتو هو، جنهن بعد سندس لاش مليو، سندس عمر 16 سال هئي. هن ٻڌايو ته اسان اصل ڳڙهي خيرو جا آهيون، 40 سالن کان ڪراچي ۾ رهون ٿا، اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي

اسان سان ظلم ڪيو ويو آهي، علي دوست پنهنجي والد سان گڏ پورهيو ڪندو هو، ٽڪ ٽاڪ تي وڊيو ٺاهيندو هو، آئي جي سنڌ نوٽيس وٺي، نينگر جي قاتلن کي گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي