لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) ڳڙهي خدا بخش ۾ آءِ بي اي ذريعي تعليم کاتي ۾ پرائمري اسڪول ٽيچر جي ڀرتين لاءِ ٽيسٽ ڏيندڙ  اميدوارن اڳوڻي وزير داخلا ۽ پ پ اڳواڻ رحمان ملڪ جي گاڏي جو گهيراءُ ڪري کيس دانهن ڏيڻ واري وڊيو وائرل ٿي وئي آهي، جنهن ۾ اميدوار کيس دانهي رهيا آهن ته اسان تعليم کاتي ۾ 47 هزار خالي پيل پرائمري اسڪول ٽيچر جي ڀرتين لاءِ آءِ بي اي ذريعي ٽيسٽ ڏئي 40 کان 50 مارڪون کنيون جنهن ۾ پاسنگ ريشو 33 سيڪڙو هو جنهن ۾ 15 هزار اميدوار پاس ٿيا پر تعليم کاتي طرفان پوري سنڌ ۾ هڪجهڙي پاليسي لاڳو ڪرڻ بجاءِ سنڌ ۾ ٻٽي پاليسي لاڳو ڪئي وئي آهي جنهن سان اسان اهل ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن جي حق تلفي ٿي آهي. اميدوار نوجوانن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان پيپلز پارٽي جا ووٽر ۽ جيالا آهيون اسان پارٽي لاءِ ورڪ به ڪيو آهي اوهان اسان جي مسئلي کي حل ڪيو جنهن تي رحمان ملڪ کين چيو ته اوهان جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ سنڌ جي وڏي وزير سان ڳالهائيندس.