نئون ديرو: ايشيا جي عظيم ليڊر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي باني قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 46 هين ورسيءَ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي. ورسي جي موقعي تي مزار سامھون وڏو اسٽيج ۽ جلسي گاھه تيار ڪيو ويو، جڏھن ته سنڌ سميت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان پارٽي ڪارڪنن، جيالن ۽ عام ماڻهن جو وڏو انگ ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي ويا. جن ۾ عورتون، مرد، ٻڍا توڙي ٻارڙا شامل هئا. جڏهن ته ٻاهران ايندڙ ڪارڪنن جي ترسڻ لاءِ ضلعي وائيز ڪمئمپون تيار ڪيون ويون هيون، ورسي تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان پارٽي ڪارڪن ۽ جيالا قافلن جي صورت ۾ ڳڙھي خدا بخش ڀٽو پھچي پنهنجي شهيد قائدين جي مزارن تي حاضري ڀري جذباتي انداز ۾ “زندھ ھي بيبي زندھ ھي”، “جب تڪ سورج چاند رھي گا ڀٽو تيرا نام رھي گا”، جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا، جنهن ڪري مزار ڪارڪنن جي آواز سان گونجي اٿي. مزارتي حاضري ڀريندڙ ڪارڪنن ڪئنال سمورا نامنظور جا زوردار نعريٰ پڻ هنيا. ورسي تقريب جي شروعات تلاوت سان ڪئي وئي، جنهن بعد حمد و نعت خواني ٿي جڏهن ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 46 هين ورسي جي موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ مزار ڪاميٽي طرفان محفل مشاعرو پڻ ڪيو جنهن ملڪ جي ناليوارن شاعرن، اديب ۽ دانشور بشير دوستم، نوشاد رضواني، غلام قادر ڏهر، نياز پتافي، قادر صبا، پنهنجي شاعريءَ ذريعي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪئي. جڏهن ته سنڌ جي ڀلوڙ فنڪار مظهر حسين “ڍونڍوگي همين ملڪون ملڪون ملنيڪي نهين ناياب هئين هم“ ڳائي ماحول کي غمزده ڪري ڇڏيو. ورسي جي مک جلسي کي پيپلز پارٽيءَ جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، ايم اين اي خورشيد جوڻيجو، ليڊيزونگ ڪي پي ڪي جي صوبائي صدر روبينا خالد، اعجاز جکراڻي، نثار کهڙو ڪي پي ڪي جو گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سميت مرڪزي توڙي صوبائي اڳواڻن خطاب ڪيو. جڏهن ته مزار جي کاٻي پاسي طبي ڪئمپ پڻ قائم ڪري ماهرن جي ٽيم کي مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته جلسي گاهه اندر توڙي ٻاهر 1122 جي ريسڪيو ٽيمن کي مقرر ڪيو ويو آهي. ورسيءَ جي موقعي تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۽ نئون ديرو هائوس ٻاهران توڙي اندر سيڪيورٽيءَ جا انتظام انتهائي سخت ڪندي سيڪيورٽيءَ لاءِ 8 هزار 500 کان وڌيڪ پوليس آفيسر ۽ اهڪارن جن ۾ 30 ايس ايس پيز، 4 اي ايس پيز، 60 ڊي ايس پيز، 140 انسپيڪٽرز، 366 اي ايس آئيز، 690 هيڊڪانسٽيبل، 5600 پوليس ڪانسٽيبل، 300 ليڊيز ڪانسٽيبل، 200 ايس ايس يو اهلڪار، 200 آر آر ايف، 700 ٽريفڪ اهلڪار سميت رينجرز، سي ٽي ڊي، آر آر ايف ۽ ايس ايس يو ڪمانڊو کي مقرر ڪيو ويو. جڏهن ته ورسي جي سيڪيورٽي لاءِ هڪ هزار کان وڏيڪ پارٽي جا جانثار پڻ سيڪيورٽي جا فرض نڀائيندا رهيا. ان کان علاوه ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ 80 کان وڌيڪ واڪ ٿرو گيٽس لڳايون ويون جتان ورسي تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ جيالن، ورڪرن ۽ عام ماڻهن کان جهڙتي وٺڻ بعد مزار اندر داخل ڪيو پئي ويو. جڏهن ته سنڌ پوليس طرفان جلسي گاهه توڙي مزار اندر 120 کان وڌيڪ سي سي ٽي ڪئميرائون لڳيون ويون هيون سمورن سيڪيورٽي انتظامن جي نگرانيءَ لاءِ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ پوليس طرفان خاص ڪنٽرول روم پڻ قائم ڪيو ويو آهي، جنهن جي ذريعي مزار جي سيڪيورٽيءَ ۽ جلسي گاهه ۾ موجود ماڻهن جي چرپر تي نظر رکي وئي. پيپلز پارٽي سٽي نئون ديرو طرفان ڳڙهي خدابخش ڀٽو ڏانهن ويندڙ روڊن رستن تي استقباليه ڪئمپون قائم ڪيون ويون.