نئون ديرو(ن پ ا) نئون ديرو ڀرسان ڳڙهي خدابخش ڀٽو جي سم نالي مان اڻڄاتل شخص جو تشدد ٿيل ۽ گولي لڳل لاش هٿ ڪيو ويو، علائقي واسين جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي، اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر غضنفر کوکر شروعاتي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته لاش 4 ڏينهن پراڻو آهي، هٿ آيل لاش کي اک جي هيٺان گولي لڳل آهي، جيڪا ڪن جي ڀرسان آر پار ٿي وئي آهي، جڏهن ته گولي کان اڳ کيس تشدد جو نشانو پڻ بڻايو ويو آهي، جنهن بعد کيس سم نالي ۾ ڪيرايو ويو. هوڏانهن پوليس ٻڌايو ته لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي،مڙهه ايڌي عملي حوالي ڪيو ويو آهي. وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.