رتوديرو(ن پ ا) رتيديري لڳ روڊ حادثو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي تان واپس موٽندڙن جي وين ڪلٽي، 2 ڄڻا فوت، 10 ڄڻا زخمي، لاشاري باءِ پاس وٽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي تان واپس موٽندڙ وين ڪلٽي ٿي پئي، جنهن سبب وين سوار زين علي تنيو ۽ عرفان تنيو سخت زخمي ٿي پيا، جن کي علاج لاءِ لاڙڪاڻو اسپتال نيو پئي ويو ته زخمن جي سٽ نه سهندي هنن دم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته زخمي ٿيل 10 ڄڻا ڳوٺ محبوب تنيو جا رهواسي ٻڌايا پيا وڃن، جن جي  غازي لياقت ، صدورو ، اسماعيل ، شاهد، عبدالغني، علي رضا، نعيم علي، نوشاد علي ۽ ٻين طور سڃاڻپ ڪئي وئي آهي.