ڳڙهي حسن (رپورٽ: عرفان ڪنراڻي) ڳڙهي حسن ۾ جيءَ جهوريندڙ واقعو، زال کي وٺڻ آيل نوجوان کي سهري مبينا طور پيٽرول هاري باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، نوجوان علي محمد سرڪي پنهنجي رٺل زال کي پرچائي واپس وٺي وڃڻ جي لاءِ ساهرن جي گهر پهتو، سهري بشير سرڪي مبينا طور ڪاوڙجي پنهنجي پٽ عبدالصميد سرڪيءَ سان گڏجي نوجوان علي محمد سرڪي مٿان پيٽرول هاري باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو، باھ لڳڻ سبب زخمي نوجوان کي پاڙي وارن کڻائي رورل هيلٿ سينٽر منتقل ڪيو، جتان طبي امداد بعد زخمي نوجوان کي وڌيڪ علاج لاءِ جيڪب آباد ريفر ڪيو ويو، نوجوان اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو، ٻئي طرف ڳڙهي حسن پوليس موجب ڪارروائي ڪري بشير سرڪي کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ٻيا جوابدار فرار ٿي ويا آهن، واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
ڳڙهي حسن: قتل واقعي جو ڪيس مقتول جي ڀاءُ جي آصف علي سرڪي جي فرياد تي 5 جوابدارن مقتول نوجوان جي سهري بشير احمد سرڪي، سالي عبدالصميد سرڪي، سس ريحانه، زال ثمره ۽ اياز پٽ صدرالدين سرڪي مٿان داخل ڪيو ويو آهي.
زال وٺڻ ويس ته ساهرن ڪاوڙجي باهه ڏني: علي محمد
ڳڙهي حسن: نوجوان علي محمد سرڪي فوت ٿيڻ کان اڳ پنهنجي بيان ۾ چيو ته آءُ پنهنجي گهر واري کي پنهنجي گهر واپس هلڻ جي لاءِ چيو ته سهرو ڪاوڙجي پيو، جنهن بعد مون کي زال ۽ سالي گڏجي پيٽرول هاري باهه ڏني آهي.
نوجوان اڪيلو ڪمائيندڙ هو، ماءُ لاش تي هنجون هاريندي رهي !
ڳڙهي حسن: ڄنگهن کان معذور مقتول نوجوان جي ڀاءُ آصف سرڪي پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ٺل شهر رهندا هئاسين، غربت سبب اتان ڪجھه مهينا اڳ هتي اچي هڪ پراڻي سرڪاري بلڊنگ ۾ رهائش اختيار ڪئي، منهنجي پوڙهي امڙ آهي ۽ منهنجي هڪ ڀيڻ جيڪا پڻ مستاني آهي، اسان جي گهر جو واحد ڪفيل اسان جو ڀاءُ هو.
گرفتار جوابدار ناٺي کي باهه ڏئي ساڙي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي: پوليس
ڳڙهي حسن/باهو کوسو: ايس ايچ او ڳڙهي حسن عباس علي سومري جو چوڻ هو ته گرفتار جوابدار بشير احمد سرڪي پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو آهي، جوابدار موجب هن ڪاوڙ ۾ اچي اهڙو قدم کنيو آهي، جنهن تي کيس پڇتاءُ آهي. ايس ايچ او عباس علي سومري جو وڌيڪ چوڻ هو ته علي محمد سرڪي جي ڪيس ۾ گھربل جوابدار مقتول جي سھري بشير احمد سرڪي ڏوھ جو به اعتراف ڪندي چيو آھي ته اسان گھر ڀاتين گڏجي علي محمد سرڪي جي مٿان پيٽرول ھاري ماچس جي تيلي سان باھ ڏئي ساڙيو آھي.
سهري ڀاءُ کي دوکي سان گهرائي باهه ڏئي ساڙيو: آصف سرڪي
ڳڙهي حسن: ڄنگهن کان معذور مقتول نوجوان جي ڀاءُ آصف سرڪي پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي ڀاءُ کي سهري دوکي سان گهرائي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو آهي، هن مطالبو ڪيو ته انصاف ڪيو وڃي.