ڳڙھي حسن ( ن پ ا) سنڌ جي تاريخي ماڳن جي مالڪي نه ٿي، ڳڙھي حسن ويجهو خوبصورت مسجد زبون حالي جو شڪار ٿي وئي، ڳڙھي حسن شھر کان اٽڪل 15 ڪلوميٽر جي فاصلي تي سنڌ – بلوچستان جي سرحدي سنگم تي واقع ڳوٺ ڪوٽ جنگو ۾ قائم 150 ساله قديمي مسجد زبون حالي جو شڪار ٿي وئي آهي. انگريزن جي دور ۾ جوڙايل خوبصورت مسجد ثقافت ۽ اوقاف کاتي جي بي ڌياني ڪري ڪلر ۽ سيڪ جي ور چڙهي زبون بڻجي وئي، مسجد جون چوديواري واريون ڀتيون مک دروازي سميت هڪ خوبصورت چبوترو جنهن جي ڇانو ۾ ان وقت وضو جي لاءِ پاڻي رکيو ويندو هو، اهو مڪمل طور ڳري تباهه ٿي چڪو آهي. مسجد اندر ۽ ٻاهر ٿيل خوبصورت چٽسالي به ڳري چاپڙن جي صورت ۾ ڪرڻ شروع ٿي وئي آهي. مسجد جا مينار ۽ ڇت ڀُري رهيا آهن. سرڪاري بي ڌياني سبب تاريخي مسجد جي سار سنڀال ۽ وارثي مقامي سطح تي کوسا برادري جا ماڻهو ڪندا رهن ٿا. مسجد جي ساڳي صورت ۾ بحالي سندن وس کان ٻاهر آهي. تاريخي مسجد گهمڻ لاءِ آثار قديمه سان شوق رکندڙ اديب، دانشور توڙي تاريخ جا ڄاڻو ماڻهو ايندا رهن ٿا، جيڪي مسجد جو ڪم ۽ خوبصورتي ڏسي دنگ رهجي وڃن ٿا.

تاريخي مسجد کي قومي ورثو قرار ڏئي ثقافت کي مالڪي ڪرڻ جي گهر

ڳڙھي حسن : سِم ۽ ڪَلر واري علائقي ۾ هجڻ سبب مسجد جي بُنيادي ديوارن کي ڪافي نقصان پهتو آهي.ثقافت ۽ سياحت کاتي جي عدم توجهي سبب سنڌ ۾ موجود ٻين تاريخي ماڳن وانگر هن مسجد جي عمارت به پنهنجي وجود جي بقا جي جنگ وڙھي رهي آهي. هتان جي رهواسين وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان پرزور مطالبو ڪندي چيو آهي تہ هن تاريخي مسجد کي قومي ورثي ۾  شامل ڪري سياحت ۽ ثقافت کاتي حوالي ڪندي حڪومتي سطح تي هن جي سار سنڀار ۽ تزئين و آرائش جو بندوبست ڪيو وڃي ته جيئن ڏيڍ صدي قائم رهندڙ ھي مسجد آئنده به صدين تائين قائم ودائم رهي سگهي.

مسجد جي تعمير لاءِ ڪاريگر، ڪاٺ ۽ ٻيو سامان ڀارت ۽ ملتان مان گهرايو ويو هو

ڳڙھي حسن : 150 سال اڳ تعمير ڪيل هن تاريخي ڪوٽ جنگو واري مسجد جا ڪاريگر هندستان مان گهرايا ويا هئا، هن جي اڏاوت لاءِ سرون مقامي طور تي تيار ڪيون ويون جڏهن ته هن ۾ استعمال ٿيندڙ ڪاٺ ۽ ٻيو سامان هندوستان ۽ ملتان مان گهرايو ويو، ماڻهو مسجد جو نقشو ۽ خوبصورتي ڏسي حيران رهجي وڃن ٿا.

مسجد تاريخي ورثو آهي، سرڪار پاران ڌيان ناهي ڏنو ويو: علائقي واسي

گڙي حسن: ثقافت کاتي جي لاپرواهي تي علائقي جي سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شھرين حاجي ابراهيم کوسو، محمد يوسف گولو، غلام مصطفيٰ نصيراڻي، علي مردان سرڪي ۽ ٻين چيو ته ڪوٽ جنگو واري مسجد سنڌ جو تاريخي ورثو آهي، جيڪو سرڪار جي بي ڌياني سبب 150 سال گذري وڃڻ باوجود اوقاف، ثقافت کاتي جي ڪنهن به اعليٰ عملدار ڌيان نه ڏنو آھي. هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آھي ته ڪوٽ جنگو جي تاريخي مسجد جي ورثي کي محفوظ ڪرڻ لاءِ سرڪاري طور تي قدم کنيا وڃن. اوقاف ۽ ثقافت کاتو مسجد کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي سرڪاري طور بهتري ۽ بحالي لاءِ ڪردار ادا ڪري.