ڳڙهي حسن (ن پ ا) ڳڙهي حسن ڊسٽري ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي قادر بخش کوسو، علي بخش کوسو، هادي بخش ڪنراڻي، رضا محمد کوسو، ڪريم بخش ۽ ٻين چيو ته آبپاشي عملدار ڳڙهي حسن ڊسٽري جو پاڻي مٿان کان بند ڪري ساريالو فصل سڪائي رهيا آهن، هنن چيو ته سڄي سال جو پورهيو اناج آهي پر پاڻي کوٽ سبب زراعت تباهه ڪئي پئي وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ڳڙهي حسن ڊسٽري کي پاڻي فراهم ڪري وڌيڪ نقصان کان بچايو وڃي.