شڪارپور(رپورٽ: وحيد بروهي) شڪارپور پوليس ڳڙھي تيغو جي ڪچي ۾ ڪاروائي دوران ھڪ ڏوھاري کي مارڻ ۽ ھڪ کي زخمي ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آھي. ايس ايس پي شڪارپور شاھزيب چاچڙ بيان ۾ چيو ته ڏوھاري فريد تيغاڻي مارجي ويو سندس ساٿي زخمي آھي. ڏوھاري فريد تيغاڻي عورتاڻي آواز تي ماڻھن کي گھرائي اغوا ڪرائيندوھو. ڏوھاري فريد تيغاڻي مٿان شڪارپور جي مختلف ٿاڻن تي 20 کان وڌيڪ ڪيس داخل آھن ڳڙھي تيغو جي ڪچي ۾ آپريشن ھلندڙ آھي آخري ڏوھاري جي خاتمي تائين آپريشن جاري رھندو.