ڳيريلو (ن پ ا) ڳيريلي ۾ پوليس اهلڪار جي مبينا زيادتين خلاف عمر ڀيو جي ڳوٺاڻن طرفان نيشنل پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، حاجن ڀيو، اظهر علي ڀيو، جاويد احمد، منٺار علي، فقير گلشير ابڙو ۽ ٻين چيو ته پوليس اهلڪار بنا جواز اسان جي گهرن مٿان فائرنگ ڪري هراسان ڪري ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي گارگند ڪئي آهي، علائقي جي چڱن مڙسن کائنس اهڙي پڇا ڪئي ته هن چيو مان پکين جو شڪار پيو ڪيان، هنن چيو ته شڪايتن باوجود ڪير به دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، اهلڪار خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.