ڳيريلو (ن پ ا) ڳيريلو ۽ ڀرپاسي ۾ ڪڻڪ جو بمپر فصل پچي تيار ٿي مارڪيٽ ۾ اچڻ شروع ٿي ويو، منافعي خور واپارين اگهه گهٽائي ڇڏيا، ان حوالي سان آبادگارن، محمد ادريس جتوئي، علي ڏنو ٻرڙو عبدالفتاح ، نظير علي، شوڪت علي ۽ ٻين چيو ته ڪڻڪ جو بمپر فصل پچي تيار ٿي مارڪيٽ ۾ اچڻ شروع ٿي ويو آهي، واپارين ڪڻڪ جو هٿرادو گهٽ اگهه مقرر ڪري ڇڏيو آهي، ڪڻڪ جو سرڪاري اگهه مقرر ناهي ٿي سگهيو، هنن چيو ته منTافعي خور واپارين 2300کان 2500 اگھه مقرر ڪري آبادگارن ۽ هارين کي ٻنهي هٿن سان لٽي ۽ ڦري رهيا آهن، نوٽيس وٺي ڪڻڪ جو 5000 هزار سرڪاري اگهه مقرر ڪري نقصان کان بچايو وڃي.