ڳيريلو (ن پ ا) ڳيريلو جي ميئو راجپوت پاڙي واسي نوجوان شارخ ميئو سان سوشل ميڊيا ذريعي 10 لک رپين جو مبينا فراڊ ٿي ويو، متاثر نوجوان پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته دانش راجپوت نالي فيسبڪ آئيڊي تان ميسيج آيو، جيڪو منهنجو پاڙي واسي ۽ هن وقت ٻاهرين ملڪ رهندڙ آهي، هن چيو ته مان توهان جي اڪائونٽ تي 14 لک 82 رپيا موڪليا آهن جيڪي 24 ڪلاڪن کان بعد اوهان وٽ ايندا ۽ مون کي هن وقت 10 لک رپين جي سخت ضرورت پئي آهي توهان موڪلي ڏيو، مون کيس پئسا موڪلي ڏنا، بعد ۾ هن نمبر بند ڪري ڇڏيو، هن مطالبو ڪيو ته پئسا واپس ڪرايا وڃن.