ڳيريلو (ن پ ا) بلوچستان مان مهمان طور آيل 2 نوجوان شفيق احمد ۽ خليل احمد بروهي ڳيريلو ٿاڻي جي ڳوٺ ٻارڻ بروهي ڀرسان هٿياربندن جي حملي ۾ زخمي ٿي پيا، هٿياربند ٻنهي کان 2 موبائل فون ۽ 30 هزار روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا، متاثرن مطالبو ڪيو آهي ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.