ڳيريلو (ن پ ا) ڳيريلو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بدامني خلاف دڪاندار ايسوسيئيشن ۽ سڄاڻ ڌرين پاران شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪري ڳيريلو ٿاڻي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، احتجاج ڪندڙ شفيق احمد منگي، امتياز علي سمون، ماڻڪ چانڊيو، ذيشان جتوئي، امجد ڪوري، توفيق ابڙو ۽ ٻين چيو ته گذريل رات بس اسٽاپ وٽ اڻ ڄاتل هٿياربندن دڪاندارن کي يرغمال بڻائي سليم چانديو کان 7لک رپيا، جڏھن ته امجد ڪوري کان  موبائيل فون ۽ توفيق ابڙو کان رقم ۽ موبائيل فون ڦر ڪري فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، سندن وڌيڪ چوڻ هو ته پوليس جي لاپرواهي سبب علائقي ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي، شهري غيرمحفوظ بڻجي ويا آهن، شڪايتن باوجود ڪير به دانهن ٻڌڻ جي لاءِ تيار ناهي، هنن چيو ته شهر جا داخلي توڙي خارجي روڊ رستا نوگو ايريا بڻجي ويا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري علائقي ۾ امن امان قائم ڪرايو وڃي.