ڳيريلو (ن پ ا) ڳيريلي ۽ ڀرپاسي مهانگائي سبب بازارون ويران، دڪاندار مايوس، شهر ۽ ڀرپاسي ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي سبب شهري عيد خريداري ڪرڻ کان قاصر بڻيل آهن، عيد ويجهو هجڻ باوجود شهر جي جي بازارن توڙي مختلف دڪانن تي خريدارن جي ڪابه رش نظر نه پئي اچي، جنهن ڪري دڪاندار پڻ مايوسي جو شڪار بڻيل آهن، ان حوالي سان  شفيق احمد منگي، سيد ويڌل شاھ، شوڪت علي سنجراڻي، جاويد علي ۽ ٻين چيو ته روزانو پنج سئو رپيا ڪمائيندڙ پيٽ پاليندو يا عيد خريداري ڪندو، هنن مطالبو ڪندي چيو ته نوٽيس وٺي مهانگائي ختم ڪري عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي.