ڳيريلو (رپورٽ :پيارو خان سنجراڻي ) باقراڻي اسٽيشن لڳ قائم فوڊ سينٽر مان ڪروڙين رپين جي ڪڻڪ چوري ٿيڻ جو انڪشاف، جاچ شروع، انتظاميا سينٽر سيل ڪري ڇڏيو،  باقراڻي اسٽيشن ويجهو قائم فوڊ سينٽر مان مبينا طور هزارين مڻ ڪڻڪ جون ٻوريون چوري ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن جي ماليت 42 ڪروڙ رپيا ٻڌائي وڃي ٿي، جڏهن ته فوڊ انتظاميا سينٽر سيل ڪري ڇڏيو، ان حوالي سان ڊي ايف سي لاڙڪاڻو نثار احمد ميمڻ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل سال جي پيل ڪڻڪ چوري ٿيڻ سبب اسان باقراڻي فوڊ سينٽر کي سيل ڪيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته اهڙي معاملي جي خبر نيب کي به آهي، جاچ لاءِ نيب کي به اطلاع ڏنو آهي، هن وڌيڪ ٻڌايو ته گذريل سال لڳ ڀڳ 50 هزار کان وڌيڪ ڪڻڪ جون ٻوريون موجود هيون، جنهن ۾ خرد برد ٿي آهي، جڏهن ته اهڙو سلسلو ڪافي ٽائيم اڳ هلندو پيو اچي، فوڊ جا اعليٰ عملدار ۽ نيب ان معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهن، حتمي رپورٽ جاچ کان پوءِ سامهون اچي ويندي ته ڪيتري ماليت جي  ڪڻڪ  چوري ٿيل آهي.

ڊي جي فوڊ قريب الله سومرو پنهنجي اخبار کي موقف نه ڏنو

ڳيريلو : ڊي جي فوڊ قريب الله سومرو رابطو ڪرڻ تي موقف ڏيڻ کان لوائيندي ميٽنگ جو جواز ڄاڻائي فون بند ڪري ڇڏي. جڏهن ته سينٽر تي مقرر فوڊ انسپيڪٽر جو فون مسلسل بند مليو.

سرڪاري خزاني کي نقصان پهچائيندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: علائقي واسي

ڳيريلو : اهڙي معاملي تي علائقي جي سڄاڻ ڌرين پاران افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪروڙين رپين جو سرڪاري خزاني کي نقصان ڏيندڙن خلاف ڪارروائي ڪري لٽيل ڪروڙين رپيا واپس ڪرائي کين سخت سزائون ڏنيون وڃن.