ڳيريلو (ن پ ا) عيد جي ٻئي ڏينهن تي لاڙڪاڻي جو  مشھور هارڊ بالر ۽ ڪرڪيٽ جو اڀرندڙ رانديگر ڳوٺ محراب سنديلو واسي عامر بروهي کان نامعلوم هٿياربند ڏيرا پوليس جي حد کوکر لاڙي وٽ يرغمال بڻائي موٽر سائيڪل، 2 موبائيل فون سيٽ ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا، نوجوان ڪرڪيٽر ٻڌايو ته ڳوٺ کان نصيرآباد ڪنهن ڪم سانگي وڃي رهيو هيس ته کوکر لاڙي وٽ ٽن نامعلوم هٿياربندن يرغمال بڻائي تشدد ڪندي موٽر سائيڪل، ٻه عدد موبائيل فون ۽ روڪ رقم 26 هزار ڦر ڪري ورتي، هن چيو ته ڏيرا ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي آهي، هن ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ڪوٽ کي اپيل ڪئي ته ڦر ٿيل موٽر سائيڪل ۽ ٻيو سامان واپس ڪرايو وڃي.