ننگر پارڪر: ننگرپارڪر تعلقي جي ڳوٺ هاڙهو جي ڊسپينسري گذريل ٽن سالن کان ڊاڪٽر ۽ ٻيو عملو مقرر نه هجڻ سبب بند پيل آهي . ننگرپارڪر شهر ۾ پنج سالن ۾ ڊرينيج سسٽم نه ٺهي سگهيو . ننگرپارڪر شهر جي ڪارونجهر جبل جي پڪنڪ پوائنٽن تي بااثرن قبضا ڪري سياحن جا رستا بند ڪرڻ باوجود سنڌ سرڪار يا انتظاميه ڪي به اپاء نه ورتا . جڏهن ته چوپائي مال لاءِ انگريز سرڪار کان وٺي ڇڏيل گئوچرن تي پڻ قبضا ڪيا ويا . ٻي طرف پنج سالن ۾ سٽي سروي به ٿي سگهي . سنڌ جي سونهن جي علامت بڻيل ڪارونجهر سميت پارڪر جي معدنيات جا مختلف وقتن تي نيلامي جا ٽينڊر جاري ٿيندا رهيا ۽ سنڌ جي شعور جي سخت احتجاج کانپوء حڪومت کي ٽينڊر رد ڪرڻا پيا. چائناڪلي جي مٽي جي کوٽائي لاءِ ٺيڪيدارن طرفان کوٽيل کڏن ۾ ڪيتروئي چوپايو مال ، جهنگلي جيوت توڙي انساني زندگيون ضايع ٿي ويون پر حڪومت توڙي ليز هولڊرن انهن جي مالڪن کي معاوضو نه ڏنو . ننگرپارڪر تعلقي ۾ لکن جي تعداد ۾ چوپايو مال لاءِ موجود ڊسپينسرين ۾ دوائن ۽ عملي جي کوٽ رهي وٽن فيلڊ لاءِ ڏنل گاڏي به خراب حالت ۾ بيٺل رهي . ڪارونجهر جبل سميت 32 ڪلوميٽر تي ڦهليل پهاڙي سلسلي ۾ وڻن بچائڻ لاءِ پوري تعلقي ۾ ٻيلي کاتي جو هڪ عملدار مقرر ٿيل آهي جنهن وٽ گاڏي به مليل نه آهي ۽ هن عملدار هٿن جا ڪارونجهر سان سوين گگرال سميت ٻيا وڻ وڍرائي پٽ ڪري ڇڏيا . ننگرپارڪر تعلقي ۾ ناياب بڻجي ويل هرڻ ۽ روجهه جو شڪار جاري رهيو جڏهن ته شڪارين خلاف ڪابه ڪاروائي نه ٿي سگهي جڏهن ته مورن جي ٻچن جو وڪرو پڻ جاري آهي .ٻي طرف گيم سينڪچري ايريا مان غيرقانوني ديوي سميت ٻيا وڻ وڍي ونگو ۾ موجود سرن جي بٺن تي سپلاءِ سبب جهنگلي جيوت جي پناه گاه وڻ پڻ  لکن جي تعداد ۾ ختم ٿي ويا . ٻي طرف پوري تعلقي ۾ ناياب جانورن جي تحفظ لاءِ سرڪاري گاڏي به عملدارن کي مليل نه آهي . پاڪستان پيپلزپارٽي ننگرپارڪر جي صوبائي توڙي قومي اسيمبلي جي سيٽن تي هميشه ٻاهر جي ماڻهن کي ٽڪيٽون ڏيڻ سبب ننگرپارڪر مسئلن جو گهر بڻيل رهي ٿو . اڳوڻو وزير شرجيل ميمڻ پڻ پهريون ڀيرو ننگرپارڪر مان ايم پي اي بڻجي اسيمبلي ميمبر بڻيو هو . ننگرپارڪر ۾ غيرمقامي غلام محمد لاٽ ، مخدوم سعيدزمان ، مخدوم نعمت الله ۽ حاجي ارباب عبدالله به ايم پي اي رهي چڪا آهن.