ڳوٺن سان گڏ شعور ڏيندڙ اسڪول به ويران … بشير چانڊيو

0
95

   پنهنجو جنم ڳوٺ ايوب خان چانڊيو ۾ ٿيو جتي پنهنجي گهر جي اڳيان پهريون دفعو بانبڙا پائيندي ڪڏھن امان جي گود آسمان کان به مٿي ڇانو´ بڻجي سڪون بخشيندي هئي

جتي پهريون دفعو ڊڄندي ڊڄندي  پنهنجي پيرن تي بيهي ٻه چار وکون کڻندي ڪري پوڻ جي ڀو´ امان جي هٿن جون آڱريون پڪڙيندي پڪ ٿيندي هئي ته هاڻ ڪهڙي به طاقت مونکي نه ٿي ڪيري سگهي

                         ڳوٺ ايوب خان چانڊيو چانڊيا قبيلي جي ستن ڳوٺن مان پهريون اهو ڳوٺ هو جتي بابا زخمي ماما غازي خان سميت شوڪت چانڊيو دين محمد چانڊيو پنهل خان چانڊيو ۽ پنهنجي والد صاحب جي ڪوششن سان ڳوٺ ۾ اسڪول کليو هيو جتي  ڪيترن ئي ڳوٺن مان نوجوان ۽ نياڻيون عيد جي خوشيء جيان پيادل پنڌ پڙھڻ اينديون هيون

                         جتي پاڻ جڏھن پهريون دفعو امان پٽي ميٽ سان ميٽي هٿن ۾ ڏيندي اسڪول ڇڏي وئي هئي ته اکيون روئيندي ڳاڙهيون ٿي ويون هيون

جڏھن استاد پيار منجهان روئڻ جو سبب پڇيو هو ته امان جي سڪ لڳي آهي موڪل ڏيو ته استاد مسڪرائيندي چيو هو ته سڀاڻي سوير اچجان سبق وٺي هليو وڃجان ته هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو هيم

منهنجو مامو غازي خان ٻن ڀينرن جو اڪيلو ڀاءُ هو جنهن ستن ڳوٺن مان نياڻين کي تعليم ڏيارڻ لاء ڳوٺ کان ٻاهر ڪڍيو هو جنهن تي ڪيترن ئي ڳوٺن جا مرد توڙي عورتون ڪڏھن تعجب ۾ پئجي وينديون هيون ته ڪڏھن ڪي ٽوڪون به ڪندا هئس پر پاڻ سدائين مسڪرائيندو هو

ڳوٺ ايوب خان چانڊيو ۾ پهريون دفعو برادري جي ڪن ماڻھن اڻسهپ ڪوڙي انائن جي ڪري ماما غازي خان سان جهيڙو ڪيو هو جنهن ڪري ماما ڳوٺ مان هميشه لاء لڏو کڻي هليو ويو هو

جنهن ڪري امان کي سڃي رات ننڊ نه آئي هئي ۽ صبح جو سوير امان جڏھن پنهنجي موڀي ڀاءُ جي جاء خالي ڏٺي ته امان پنهنجي ڀاءُ کي روئندي ايڏا سڏ ڪيا هيا جو سمجهيو هيم خدا اجهو زمين تي لهي ايندو امان جون آنهون دانهون ايتريون هيون جو ڳوٺ جون سموريون عورتون مڙي ڪري امان سان گڏ رنيون هيون پاڻ امان کي ڏسندي سڏڪن ۾ پئجي ويا هئاسين

امان جون رڙيون ٻڌي سمجهيو هيم ته اڄ آسمان ڦاٽي پوندو پرخبر ناهي ته ڇو نه ڦاٽو

امان ان ڏک ۾ جلدي بيمار ٿي پئي ۽ امان کي ڪراچي تائين ڏيکاريوسين پر امان کي ڪينسر کائي وئي ۽ پاڻ 1996 کان اڄ تائين امان جي پيار کي ساريندي اڄ به اکيون اٿلي پونديون آهن

ڪڏھن ڪڏھن آسمان ڪڙڪاٽ ڪندو آهي سمجهندو آهيان ڪيترن ئي مظلومن جون آنهون ۽ امان جو آنهون اڄ به آسمان تي دانهين ٿيون

ڳوٺ ايوب خان جي اسڪول مان ڪيترن ئي نوجوانن تعليم پرائي اڄ ڪي ڪهاڻيڪار ڪي شاعر ڪي سماج سڌارڪ ڪي استاد ۽ ڪي ڊاڪٽر بڻجي پنهنجي ماروئڙن جي خدمت ڪري رهيا آهن پر افسوس ڪن سالن کان برادري جهيڙن ڪيترائي ڳوٺ ويران ڪيا آهن

ڪيترن ئي مائرن ڀينرن جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ڪيون ويون آهن جنهن ڪري اڄ بهترين انسان پيدا ڪرڻ وارو اسڪول ۽ ڳوٺ ويرائي جو ڏيک ڏئي رهيا آهن

پاڻ به ڪيترن سالن کان ڪن جاهلن جي جهالت ڪري لوڙيون پيا

پاڻ ڪيترن ڏينهن کان هن ڳوٺ هن اسڪول کي ڏسندي من ۾ ڪيتريون ڳالهيون وڌي وڻ ٿيون هيون

جتي ڪڏھن سمورا دوست ٽھڪ ڏئي ملن ٿا ته ڪٿي دوست وڇڙي وڃڻ کان پوء ڪڏھن ملڻ نه آيا

ڪٿي استادن جو مارون ياد آيون ته ڪٿي دوستن سان مٽرن جون ڦريون گرم ڪندي کائڻ وارا ڏينهن به ياد آيا ته ڳوٺن مان شعور وند ساٿين سان کل ڀوڳ ٽھڪڙا ڏيندي فقير جي هوٽل ۽ راشد جي هوٽل تي چانھ جون چسڪيون ۽ فلمون ڏسڻ سنڌي ادبي سنگت جون گڏجاڻيون قومي ڪچهريون پيادل پنڌ نا انصافين تي احتجاج ڌرڻا به ياد آيا

صحافت جا سمورا رنگ دوستن جون دوستيون وفائون جفائون به ياد پيون

ياد پيو ته ڪيترن سالن کان دوستن جي گڌجاڻين ۾ شرڪت ناهي ڪئي نه وري صحافين دوستن سان ڪا ڪچهري ئي ٿي آهي

ڊکڻ شھر جا روڊ رستا برسات جي پاڻي ۾ ٻڏي ويا آهن يا بچي ويا آهن

 اها به خبر ناهي ته دوستن جي اڱڻ تي عيدون ملڻ به  اينديون آهن يا نه

خبر ناهي ته محبوب جي آڱر تي ڪا ڪوئل ڪوڪ به ڪندي آهي يا نه يا ڪي ڳيرا گهو گهو ڪندي پاڻ ۾ چهنب ملائي پيار به ڪندا آهن يا نه

شهر جا دوست ڪيئن آهن پاڻ ۾ کل ڀوڳ ٽھڪ به ڏيندا آهن يا نه

سوچيان ٿو فقير جو هوٽل اڄ آباد به آهي يا نه

ڪڏھن ڪڏھن پنهنجي محبوب دوست سان گڏجي شهر جي بهترين انسان دوست جي اوطاق تي وڃڻ پيو ٿيندو هو جتي کوڙ ساري ڪچهري چانھ بسڪيٽ کل ڀوک ٽھڪڙا رساما  پرچڻ پيا ٿيندا هئا هاڻ ان بهترين انسان دوست ڏانهن ڪير وڃي به ٿو الائي نه

ياد پوي ٿو ته ٽن سالن ۾ قلم ڌڻين مان ڪنهن ڪنهن ياد ڪيو آهي اها موبائل جي اسڪرين ۽ پنهنجون اکيون سٺي طرح ڄاڻن ٿيون

سوچيان ٿو ڪڏھن پنهنجي شهر وڃي هڪ دفعو سمورن دوستن سان ڀاڪر کل ڀوڳ ٽھڪڙا ڪري اچجن يا وري سوچ ذهن تي حاوي ٿيندي چوي پئي ته هڪڙو دفعو گلاب ۽ رابيل جا گل کڻي سموري شهر جي گهٽين دڪانن آڏو رکي سمورن دوستن کي ڀيٽا ڏجي

ڇو ته خبر ناهي ڪڏھن ڏور هليو وڃجي ته وري شهر ڏانهن واپس اچڻ جا رستا ئي نه ڀلجي وڃجن

ڇو ته پاڻ پيار ۽ پريت جا ماڻھو هئاسين ۽ هاڻ ته روڊ تي وڇايل پٿر به ڪاوڙيل آهن

ڇو ته جڏھن ماڻھن مان ماڻھپو ڏور هليو ويو آهي ته وڻ ٽڻ به ڪنڊن سان آجيان ۾ رڌل آهن

ڪنڊا چاهيندي نه چاهيندي ساه کي سور ڏيڻ چاهيندا آهن

ابول اڄ جي ماڻھن مال متاع ٻڪريون مينهون رڍون پالڻ وارو ڪم پاسي تي رکي خنجر ڪات ڪهاڙا گوليون پالڻ شروع ڪيون آهن جن مان فائدو اهو آهي ته پکي پکڻ جانورن ۽ انسانن جو رت وهائي ان جو سودو ڪرڻ بهترين سمجهيو وڃي ٿو

بس اهو سمجهان ٿو ته ڪوڙين انائن ڪوڙين داداگيرين ڳوٺ ويران ڪري ڇڏيا

ڳوٺن سان گڏ اڄ شعور ڏيندڙ اسڪول به ويران آهن جن جي حالتن کي ڏسندي من مان سڪون ڏور هليو ويو آهي جيئن ڪي رت جا رشتا ۽ دوست ڏور هليا ويا آهن

جن کي سال گذري ويا پر هو واپس ناهن وريا تيئن هاڻ هي ڳوٺ هي ڳليون هي سماج نفرتن جي ور چڙھي ويو آهي جتي خوشيون شايد واپس ناهن ورڻيون . (فيس بوڪ وال تان ورتل)