ڳوٺاڻي عورت کي سلام

0
74
ڳوٺاڻي عورت کي سلام

 ٻهراڙيءَ جي عورت جيڪا جبر مسلسل ۾ پيسجي رهي آهي اڄ ان جو عالمي ڏينهن آهي افسوس جو ان کي ڪا خبر نه آهي ته ان جو ڪو عالمي ڏينهن به ملهايو ويندو آهي. سدائين جيان اڄ به ٻهراڙيءَ جي عورت سادي،نماڻي ،اَٻوجھه ۽ مرد جي آڌار تي هلندڙ آهي.  عورت کي ڄاڻي واڻي محڪوم بڻايو ويو آهي رڳو ان خاطر ته مرد ان تي حڪومت ڪري سگهي.  ڳوٺاڻي دنيا جو مرد بادشاهه تصور ڪيو ويندو آهي پوءِ بادشاهه ! عورت کي کٽ تي ويهاري يا پٽ تي ڪو فرق نٿو پوي ڇو جو ڳوٺن جا اصول ئي پنهنجا آهن انهن اصولن جي پاسداري لاءِ چڪي جي ٻن پُڙن وانگر ڳوٺاڻي عورت پيسجي رهي آهي، بنا دانهن ڪوڪ جي جي رهي آهي  لُڇي پُڇي رهي آهي .

                 ڳوٺن ۾ عورتن کي نه  تعليم جون سهولتون حاصل آهن نه صحت جون سهولتون حاصل آهن افسوس جو ڳوٺن جا اسڪول وڏيرن جي مال ٻڌڻ ۽ اوطاقن جي ڪم اچن ٿا جيڪي اسڪول کليل رهن ٿا انهن ۾ جوڳيون سهولتون ميسر  ناهن. سڀ کان اهم ته ڳوٺ جو وڏيرو يا ڳوٺاڻو مرد ڪڏهن نه چاهيندو ته ڳوٺاڻي عورت تعليم يافته ٿئي ڇو جو عورت تعليم حاصل ڪندي ته کيس پنهنجن حقن جي پروڙ پوندي شين کي سمجهڻ جي سندس اندر سگھه پيدا ٿيندي ان ڪري مرد ! عورت کي گونگي  ۽ ٻوڙي ڏسڻ پسند ڪري ٿو، ڇو جو ان ۾ ئي سندس مطابق ڀلائي آهي. صحت جي حساب سان ڳالهه ڪيون ته ڳوٺن ۾ ڇوڪرين کي مناسب کاڌ خوراڪ نٿي ملي ننڍي عمر ۾ انهن جي شادي ٿي وڃي ٿي افسوس جو سال گذرڻ کان اڳ ۾ ڇوڪريون مائرون ٿي وڃن ٿيون، سندن ننڍپڻ کسجي وڃي ٿو۽ ذميواريون وڌي وڃن ٿيون.  گُڏي گُڏن سان کيڏڻ واري ڇوڪري پاڻ ڪِڪِي جي ماءُ ٿي وڃي ٿي ، ماءُ ٿيڻ کان پوءِ عورت کي سٺي غذا جي سخت  ضرورت هوندي آهي گوشت ،مڇي ،بيضا ،کير ،تازيون سبزيون ۽ جوس سندس اشد ضرورت ٿي وڃن ٿيون پر ڳوٺن ۾ سواءِ دال ۽ پٽاٽن جي هڪ عام ڳوٺاڻي عورت کي ڪجهه به ميسر ناهي ،مٿان ظلم جو هر سال هڪ ٻار ۾ اضافو ٿيندو آهي کين ڪيترو به سمجهايو وڃي  ته توهان جي صحت تي نقصان پئجي رهيو آهي يا وڌيڪ ٻار توهان پيدا نٿا ڪري سگهو  ڇو جو مسلسل ٻار پيدا ڪري توهان ۾ سگھه ناهي رهي يا ته ٻارن ۾ وقفو ڪيو ( وقفي جون هر مهيني يا ٽن مهينن يا ڇهن مهينن جون گوريون هونديون آهن ،سال ٻن يا ٽن جا انجيڪشن به لڳرايا ويندا آهن )          يا ٻار پيدا ڪرڻ بند ڪيو پر سندن چوڻ هوندو آهي “ گهر جا مرد وقفو نٿا ڪرڻ ڏين،اسان کي هر مهيني اسپتال   يا ڪجھه  مهينن کان پوءِ اسپتال نه آندو ويندو ” ان صورتحال ۾ عورت ٻار پيدا ڪري ڪري بيحال ٿي پوندي آهي حمل کان علاوه به عورت کي صحت جون سهولتون ميسر ناهن هونديون پر انهن سڀني تڪليفن کي پنهنجو ڀاڳ سمجهي پنهنجي ڦٽل تقدير تي عورت ساري عمر روئيندي رهندي آهي .

ڪم ڪار جي حوالي سان ڏسجي ته ڳوٺاڻي عورت کان گھر  ۾ ٻٽو ڪم ورتو ويندو آهي گھر ۾ مال متاع آهي  ، ٻارن جو ڪم آهي ، گهر جو ۽ مال متاع کان علاوه پوک جو ڪم به ڪرڻو پوندو آهي. صبح جي آذان ملڻ وقت ڳوٺاڻيون عورتون  جاڳنديون آهن صبح جي چانھه  نيرن کان جيئن ئي وانديون ٿينديون پوک تي هليون وينديون اوڏانھن گاهه ڪري جيئن ئي واپس اينديون منجهند  جو  ماني ٽُڪر کائي ڪُتر ڪري مال جي سيوا ۾ لڳي وينديون مال جو ڪم به ڪنديون ماني ڪُنو به ڪنديون ،ٿانو ٻُھاري ، ڪپڙا ڌوئڻ کان علاوه وڏي ذميواري ٻارن جي آهي. مطلب ته سج اُڀري کان ويندي اڌ رات تائين پيون ڪم ڪنديون ،  ان مان صاف ظاهر آهي ته مردن کي  بنا پگهار جي گهر ۾ ملازمه ملي وڃي ٿي.

شعور يا جاڳرتا جي ڳالهه ڪيون ته ڳوٺاڻي عورت اندر شعور پيدا ڪيو ئي نٿو وڃي.

توهان کي ياد هوندو ته  عوامي تحريڪ جي باني رسول بخش پليجو وارن جڏهن سنڌياڻي تحريڪ جو بنياد وڌو  هو ته هُو جهر جهنگ ويا جنهن جو نتيجو توهان جي سامهون آهي ته ڳوٺن ۾ سنڌياڻي تحريڪ جون عورت ميمبرز ڪيتريون آهن  سندن کي پنهنجن حقن جي بهترين آگاهي آهي پر افسوس جو  سنڌياڻي تحريڪ کان علاوه اڄڪلھه  اهڙي ڪا به تحريڪ يا پارٽي عورتن جي سجاڳي لاءِ ڪم نٿي ڪري، خاص ڪري اتر جي ڳوٺن ۾ عورت کي  سياسي ،سماجي ۽ معاشي طور پُٺتي رکيو ويو آهي.  ان جا به سبب آهن ڳوٺاڻو مرد  چاهي ٿو ته عورت ۾ سُجاڳي نه اچي ڇو جو سجاڳي اچڻ سان عورت سوال اُٿارڻ شروع ڪندي ،پاڻ تي ٿيندڙ ظلم تي آواز اُٿاريندي ،پنهنجن حقن جي ڳالهه ڪندي ،کيس چارئي طرف واجھائڻ جو موقعو ملندو ان ڪري  اڄ جي ڳوٺاڻي عورت لاءِ گُھگھ اونداهي  پيدا ڪئي وئي آهي ۽ ان گھگھ اونداهي ۾ ڳوٺاڻي عورت وڌي ويجهي ۽ اُسري ٿي جتي  ان کي ڪي به سهولتون ميسر ناهن .

هنر جي لحاظ کان ڏسجي ته ڳوٺاڻي عورت هنڌ ، گنديون گندولا ٺاهي ٿي ، ڀرت ڀري ٿي ، سلائي ڪڙهائي ڪري ٿي ، تڏا تڏيون ، پنڊيون ،کارا ٺاهي ٿي سندس هٿ جو هنر شاهڪار حيثيت رکي ٿو جنهن سان ان جي روح جي وندرُ به ٿئي ٿي ته اُجرت به ملي ٿي ، شهرن طرف جڏهن ڳوٺاڻا ماڻهو هجرت ڪري اچن ٿا ته سندن عورتون گڏ ڪُلھو ڪُلھي ۾ ملائي فيڪٽرين ۽ ڪارخانن ۾ ڪم ڪن ٿيون ان سان سندن مالي مسئلا ڪنھن قدر گهٽ ٿين ٿا .         منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن ڳوٺن ۾ هنري ادارا کوليا وڃن  ۽ ڳوٺن جي ڇوڪرين ۽ عورتن کي هنر جي سکيا ڏني وڃي ته بهتر رهندو.  ان سان ڳوٺاڻي عورت ذهني طور صحتمند رهندي ڇو جو سکڻ جي مرحلي کان نڪري جڏهن هُو پاڻ ان اداري ۾ ڪم ڪندي ته سندس وقت سٺو گذرندو ۽ جڏهن اُجرت ان جي هٿ ۾ ايندي ته عورت پاڻ کي مستحڪم سمجهندي. ان کان علاوه ڳوٺن ۾ سجاڳي جاڳرتا مهم ھلائي وڃي عورتن کي صحت ۽ تعليم جي حوالن سان فائدا ۽ نقصان ٻڌايا وڃن، معاشي طور عورت مستحڪم ڪيئن ٿئي ٿي ان ۾ سياسي سُجاڳي ڪيئن اچي ان تي گهر گهر وڃي جاڳرتا ڏني وڃي جنهن سان ڳوٺاڻي عورت مضبوط ٿيندي ۽ ان کي پنهنجي هجڻ جو احساس ٿيندو.