ٺٽو: 400 کان مٿي مردن ۽ عورتن خلافمڪلي ٿاڻي تي 4 ڌار ڌار ڪيس داخل ٿيڻ خلاف ڳوٺ رمضان هيجب جي رهواسين سميت جاکرا برادري ۽ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ڪارڪنن ٺٽو ويجھو ڇتو چنڊ ۾ ٺٽو -حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو هڻي 4ڪلاڪن تائين روڊ بند ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي ضلعي ڪائونسل ٺٽي جي ميمبر رسول بخش جاکرو، ايس ٽي پي اڳواڻ سيد جلال شاھه، عبدالله ھيجب، دائود ھيجب، حاجي حسن جاکرو، وڪيل شبير ڪنڀار، ۽ ٻين چيو ته ڳوٺن ڀرسان ڪريش پلانٽ قائم ٿيڻ سبب رھواسي سخت پريشان آهن. ڪريش پلانٽن مان نڪرندڙ دز، مٽي، لٽ سبب ماڻھو بيمارين ۾ڪوڙجي ويا آهن ۽ ڌماڪن سبب گھرن کي وڏو نقصان پھتو آھي، هنن چيو ته ڳوٺاڻن احتجاج ڪيو ته 4سئو کان وڌيڪ مردن ۽ عورتن مٿان چار ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا آھن، جنھن جي جيتري به مذمت ڪجي اھا گھٽ آھي، ھنن گھر ڪئي ته ڪريش پلانٽ بند ڪري ڳوٺاڻن تي داخل ڪيس ختم ڪرڻ سان گڏ پوليس چڙھائين جو عمل بند ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌائڻ سان گڏ عدالت جو در کڙڪائيندا، ڊي ايس پي سٽي ٺٽو ۽ ايس ايڇ او ٺٽو مظاهرين سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو.