سيالڪوٽ (م ڊ) سيالڪوٽ ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ قتل ٿيل ڳورهاري عورت وارو معاملو حل ٿي ويو، پوليس حراست ۾ جوابدار عورت واقعي جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا، جوابدار عورت چيو ته ٻار حاصل ڪرڻ لاءِ ڳورهاري عورت جو چيري ٻار ڪڍيو ويو پر اهو ٻار به مري ويو، فوت ٿيل عورت جو لاش صندوق ۾ لڪائي ڇڏيو، سي سي ٽي وي فوٽيجز ڏوهه کي ظاهر ڪيو