ڳورهاري عورت تي وحشياڻو تشدد، ابهم ٻار فوت

0
98
ڳورهاري عورت تي وحشياڻو تشدد، ابهم ٻار فوت
ڳورهاري عورت تي وحشياڻو تشدد، ابهم ٻار فوت

گمبٽ: سوڀيديرو جي ڳوٺ چڪر وارياسو ۾ پاڻي جي واري تان جهيڙي دوران وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻيل ڳورهاري عورت جو تازو ڄاول ٻار، جيڪو ماءُ جي پيٽ ۾ ئي زخمي ٿيو هو، اُهو فوت ٿي ويو
عورت تي تشدد سبب سندس پيٽ ۾ ئي ٻارڙي جي حالت خراب ٿي هئي، عورت کي گمس اسپتال ۾ آندو ويو، جتي آپريشن ذريعي پيدا ٿيل ٻارڙو فوت ٿي ويو
ڊاڪٽرز موجب زخمي ٻارڙي کي بچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، سندس جسم زخمي هُجڻ سبب سندس آپريشن به ڪيو پر هو بچي نه سگهيو
فوتي ٻارڙي جي وارثن الزام هنيو آهي ته پوليس جوابدارن سان ٻٽ بڻيل مدد نه ٿي ڪري، ڊي آء جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان ٻارڙي جي قتل جو ڪيس داخل ڪري تحفظ فراهم ڪن