
لاهور/ پشاور(م ڊ) پي ٽي آءِ پاران 26هين ترميم واپس ٿيڻ تائين احتجاج جاري رکڻ جو اعلان ڪندي رمضان کانپوءِ ملڪگير تحريڪ هلائڻ جو فيصلو ڪري ورتو، ڪنهن سان ڪي به ڳجهيون ملاقاتون ناهن ٿي رهيون. لاهور هاءِ ڪورٽ بار جي ڪنوينشن کي خطاب ۾ بئريسٽر گوهر چيو آهي ته عدليه ۾ سڌارن جي شروعات 26هين ترميم واپس وٺڻ سان ڪئي ويندي، عدالت کي گهرجي ها ته بِل تيستائين پاس ٿيڻ نه ڏئي ها، جيستائين مخصوص سيٽن تي فيصلو نه ٿئي، هاڻي اهڙي قانونسازي جي رستا روڪ ڪرڻي پوندي، سينيٽر حامد خان چيو ته 26هين ترميم واپس ٿيڻ تائين پي ٽي آءِ جو احتجاج جاري رهندو، اپوزيشن اتحاد جي سربراهه محمود خان اچڪزئي چيو ته شهباز شريف دوست آهي پر ٻين جي مئنڊيٽ تي ويٺو آهي، اها شرم جوڳي ڳالهه آهي ته آءِ ايم ايف وفد آيو ۽ سڌو سپريم ڪورٽ هليو ويو، هوڏانهن پاڪستان تحريڪِ انصاف (پي ٽي آءِ) جي اڳواڻ سلمان اڪرم راجا رمضان کانپوءِ ملڪ گير احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته کين اڊيالا جيل وڃڻ کان روڪڻ قيديءَ جي حقن جي ڀڃڪڙي آهي. سندس چوڻ هو ته هنن وٽ دهشتگردي ٽوڙ عدالت جو حڪمنامو موجود آهي، ملاقات کان روڪڻ توهينِ عدالت ۽ بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي آهي .هن چيو ته هنن کي هاڻي ٻڌايو ويو آهي ته اوهان انتظار ڪريو، وڃڻ جو ناهي چيو ويو، ڪو به ڪم منصوبابندي کانسواءِ نٿو ٿي سگهجي، اڊيالا جيل ۾ جاري ٽرائلز جون ڊگهيون تاريخون مقرر ڪيون ويون جنهن تي خدشا آهن. پي ٽي آءِ جي وڪيل چيوته عمران خان جا سمورا ڪيس ٻه ڏينهن اڳ مقرر ڪيل ججن کي ڏنا ويا، نون ججن کي ڪيس ڏيڻ به حڪمت عملي جو حصو آهي، اسلام آباد ۾ ججن جون مقرريون به منصوبابندي سان ڪيون ويون. سلمان اڪرم راجا وڌيڪ چيو ته 26 هين ترميم ۾ پارٽي پاليسي جي خلاف ووٽ ڏيڻ وارن کي ڪڍڻ جو هڪ طريقو آهي، ڪجهه ماڻهن جا جواب اچي ويا آهن، انهن ماڻهن کي ڪڍڻ جو پي ٽي آءِ باني جو پيغام مليو آهي، اسان باني سان ملڻ چاهيون ٿا. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته فواد چوڌري تحريڪِ انصاف ۾ نه آهي، شعيب شاهين ۽ فواد چوڌري جو جهيڙو بنيادي انساني طرز عمل وارو معاملو، ٻنهي خلاف ڪيس داخل ٿيڻ گهرجي، پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان چيو آهي ته باني سان گهر ڀاتين جي ملاقات ٿي آهي، هو بلڪل صحت مند آهي، هن واضح ڪيو آهي ته توهان جي مرضي جيڪو دٻاءُ وجهو ڊيل نه ڪندس. راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عليمه خان چيو ته باني پي ٽِي آءِ جي صحت خراب هجڻ جي خبرن ۾ ڪا به صداقت نه آهي، ان کي جيل ۾ سهولتون ملي رهيون آهن.