ٽنڊوڄام (ن پ ا ) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري چيو آهي ته سنڌ جي منفرد زرعي ۽ ثقافتي شين، جهڙوڪ ڳاڙھي سنڌي ڳئون، سنڌڙي انب، اجرڪ، باسمتي چانور ۽ جنڊي، ڪاشي سميت ھٿ جي ھنري نمونن سميت پنجاهه کان وڌيڪ اهڙيون شيون آهن، جيڪي عالمي مارڪيٽ ۾ پنهنجي منفرد حيثيت سان پکيڙجي سگهن ٿيون، پر افسوس آهي ته ٻيا ملڪ ڪجهه شين کي پنھنجي ملڪيت ڄاڻائيندي، عالمي سطح تي ٽريٽي رجسٽريشن پنھنجي نالي ڪرائي رهيا آهن، هن اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ زرعي يونيورسٽي ۽ انٽيليڪچوئل پراپرٽي آرگنائيزيشن(آئي پي او) پاڪستان جي سهڪار سان “جينياتي وسيلن ۽ مقامي ڄاڻ تي ڊبليو آءِ پي او معاهدي جي منظوري تي اسٽيڪ هولڊرز سان صلاحون” جي عنوان تحت منعقد ڪيل سيمينار صدارتي خطاب ڪندي ڪيو، ڊاڪٽر فتح مري وڌيڪ چيو ته ڳاڙھي سنڌي ڳئون سنڌ جي موروثي جنس آهي، پر برازيل ۽ نيدرلينڊ اسان جي ڳئوڻ جي جينياتي تبديلي کان پوءِ عالمي ٽريٽي ۾ ان جي رجسٽريشن پنھنجي نالي حاصل ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ انڊس ڊولفن، ريڊ چانور، سنڌي پلو، لاڙڪاڻي جو زيتون ۽ سڳداسي چانور جهڙيون شيون پڻ عالمي سطح تي پيٽنٽ رجسٽريشن جون اهل آهن، انٽيليڪچوئل پراپرٽي آرگنائيزيشن (آءِ پي او) پاڪستان جي چيئرمين ۽ اڳوڻي سفير فرخ امل چيو ته پاڪستان 26 ملڪن سميت ڊبليو آءِ پي او معاهدي جا ميمبر آهي، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني شين ۾ اقتصادي صلاحيت موجود آهي، تنهن ڪري اسان کي قومي معاشي تحفظ ۽ صنعتڪاري طرف تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، آءِ پي او جي سينيئر پيٽنٽ ايگزامنر صائمه ڪنول چيو ته سنڌ جون شيون، جهڙوڪ امرود، هٿ جي دستڪاري ۽ ڪاشي جون شيون عالمي رجسٽريشن جي اهل آهن. هن اسٽيڪ هولڊرز تي زور ڏنو ته پاڪستاني شين کي عالمي مارڪيٽ ۾ متعارف ڪرائڻ ۽ پاڪستان جي شين جي بھتر معيار جي مد ۾ عالمي سطح تي قبوليت ڏيارڻ ۾ ڪردار ادا ڪن، سيمينار ۾ وائيس چانسلر جي تدريسي مامرن بابت صلاحڪار ڊاڪٽر ضياء الحسن شاهه، ڊائريڪٽر اورڪ ڊاڪٽر تنوير فاطمه مياڻو، تصفيح فاطمه ۽ ٻين خطاب ڪيو. بعد ۾ پينل ڊسڪشن ۾ فرخ امل، ڊاڪٽر اعجاز کوهارو، آبادگار اڳواڻ سيد محمود نواز شاهه، ڊاڪٽر شاھنواز مري، محمد رفيق، ڊاڪٽر تنوير فاطمه ۽ ٻين عالمي سطح تي پاڪستاني شين جي ملڪيت ۽ رجسٽريشن بابت مختلف تجويزون پيش ڪيون،ان موقعي تي رجسٽرار غلام محي الدين قريشي، مختلف ادارن جا ماهر، استاد، شاگرد ۽ ترقي پسند آبادگار پڻ موجود هئا.