ٺٽو/ڳاڙهو (نمائندن وٽان) ٺٽي جي سامونڊي تعلقي گھوڙاٻاري جي ڪاروباري شهر ڳاڙهو ۾ 125 موٽر سائيڪل سوار اڻڄاتل 3 هٿيار بند ڦورو شهر جي هول سيل جي مشهور واپاري جميل ميمڻ جي دڪان تي هٿيارن جي زور تي مزاحمت ڪرڻ دوران دڪان جي ٻن ملازمن حيدر خاصخيلي ۽ ابراهيم خاصخيلي کي زخمي ڪرڻ بعد دڪان ۾ رکيل 22 لک روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا، جڏهن ته ڳاڙهو شهر ۾ ڦر جي واقعي پيش اچڻ تي شهر جي شهرين ۽ واپارين صديق ميمڻ جي اڳواڻي ۾ ڳاڙهو باءِ پاس تي احتجاجي ڌرڻو هڻي ڪراچي ساڪرو، ڪيٽي بندر ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ معطل ڪري سخت نعري بازي شروع ڪري ڇڏي، جڏهن ته ڳاڙهو شهرجي واپارين چيو آهي ته ڳاڙهو پوليس جي ڏوهارين خلاف موثر ڪاروائي نه ٿيڻ ڪري ڏوهاري سر عام پرامن واپارين شهرين کان هٿيارن جي زور تي ڦرون ۽ چوري ڪري رهيا آهن، هنن چتاءُ ڏيندي چيو آهي ته جيستائين جوابدارن کي گرفتار ڪري ڦر ڪيل رقم واپس ڏياري نه ٿي وڃي تيستائين احتجاج جاري رهندو.