ڳاڙهو ( ن پ ا) ڳاڙهو ٿاڻي جي حد ۾ ڏينهن ڏٺي جو النوراني پيٽرول پمپ جي منشي مير حسن راهمون کان ٻن موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن اسلحي جي زور تي ٻه لک 50 هزار روپيا ڪيش رقم ۽ موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا. شھرين چيو ته ھتي امن وامان جي صورتحال ڏينھون ڏينھن خراب ٿيندي پئي وڃي، پوليس انتظاميا ڏوھاري سرگرمين تي ضابطو نه آڻي سگھي آھي، جنھن سبب علائقي ۾ خوف واري فضا ڇانيل آھي.ٻئي طرف ايس ايچ او ڳاڙهو ٻڌايو ته اسان کي جيئن اطلاع مليو ته واردات واري ھنڌ پھچي جائزو ورتو آھي ۽ اسان پوري حد ۾ ناڪا بندي ڪرائي ڇڏي آهي. ڏوھاري ڪيڏا به بااثر ڇو نه ھجن پر کين بخش ڪو نه ڪنداسين، جلد کين گرفتار ڪيو ويندو.