ڪيٽي بندر/ڳاڙهو (رپورٽ: آدم جانيارو/عبدالله راڻو) ڳاڙهو ڀرسان شهدادڪوٽ واسي نوجوان گوليون هڻي قتل، سندس زال ۽ فش فارم مالڪ گهر ڇڏي فرار، ڇاپا، جوابدار هٿ نه آيا خبر موجب ڳاڙھو ٿاڻي جي حد رجب مگسي فارم تي ڪم ڪندڙ شهدادڪوٽ واسي پورهيت باز علي مگسي کي هٿياربند گوليون هڻي قتل ڪري لاش فش فارم جي اوطاق پويان اڇلائي فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال پهچايو، جتي سندس سڃاڻپ 25 ورهين جي باز علي مگسي طور ڪئي وئي، فوتي باز علي مگسي فش فارم تي رجب مگسي وٽ مزدوري ڪندو هو، لاش پوسٽ مارٽم بعد مقتول جي ڀاءُ حب علي مگسي حوالي ڪيو ويو، جتان مڙهه کي وارث مڪلي کڻائي ويا، اتان مڙهه کي اباڻي ڳوٺ شهدادڪوٽ نيو ويو، جڏهن ته نوجوان جي قتل بعد مقتول جي زال جيڪا چانڊيا برادري جي عورت ٻڌائي وڃي ٿي اها ۽ فش فارم مالڪ رجب مگسي گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن، واضع رهي ته فش فارم مالڪ 2 سال اڳ به فش فارم جي چوڪيدار محرم ٻگهيو کي به قتل ڪيو جنهن جو ڪيس عدالت ۾ هلندڙ آهي، ٻئي طرفر مقتول جي ڀاءُ پوليس کي ٻڌايو ته فش فارم مالڪ رجب مگسي ڪجهه ڏهاڙا اڳم ڀاءُ کي مزدوري لاءِ گهران وٺي آيو هو، ڪالهه صبح جو هن ڪال ڪري چيو ته توهان جي ڀاءُ جو لاش اوطاق پويان پيو آهي اتان کڻائي وڃو، رات دير تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.
فش فارم مالڪ فرار ٿي ثابت ڪيو ته هو قاتل آهي: ڊي ايس پي
ڪيٽي بندر/ڳاڙهو: پنهنجي اخبار پاران رابطو ڪرڻ تي ڊي ايس پي ڳاڙھو عبدالرئوف نُھڙيو ٻڌايو ته مقتول باز علي مگسي پنهنجي زال سان گڏ گهر ۾ رهندو هو، پر واقعي کانپوءِ سندس گھرواري ۽ فش فارم مالڪ رجب مگسي گھر خالي ڪري ڀڄي ويا آهن، جن جي ڳولا جاري آهي، ڊي ايس پي ٻڌايو ته فش فارم مالڪ فرار ٿي ثابت ڪيو ته هو قاتل آهي ٻه سال اڳ به ان ئي فش فارم تي رجب مگسي چوڪيداري ڪندڙ محرم ٻگهيو کي قتل ڪيو هو، جنهن جو ڪيس فش فارم مالڪ رجب مگسي تي داخل ٿيل آهي، جيڪو معامرو اڃان تائين عدالت ۾ هلندڙ آهي ۽ ان ڪيس ۾ به رجب مگسي خلاف ڪافي ثبوت مليا آهن.
|
ڪيٽي بندر: ڳاڙهو ٿاڻي تي ڪيس جي جانچ آفيسر ارشد آرائين پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته مقتول جا وارث ٿاڻي تي ناهن آيا، جيئن ئي فرياد کڻي ايندا ته سندس فرياد تي ايف آءِ آر داخل ڪري نامزد جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري گرفتاريون ڪنداسين.