خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي اين اي 204 تي پ پ اميدوار جاويد علي شاهه چيو آھي ته اليڪشن ڪميشن سميت جيڪي به ادارا دھشتگردي جي خطري ھيٺ آھن اھي سڀ اليڪشن کي روڪڻ جون ڪوششون آھن، ملڪ دشمن عنصرن کي واضع پيغام ڏيون پيا ته اسين شھادتن کان ڊڄڻ وارا ناھيون، اليڪشن ٿيندي ۽ ملڪ مان دھشتگردي، ڪرپشن، مهانگائي ۽ بيروزگاري جو خاتمو آڻينداسين، راڻي پور شھر ۽ آسپاس جي علائقن ۾ ڄامڙا پاڙي، مغيري، تماچي، سولنگي هائوس، ڳوٺ علي آباد، وساڻ، ڳوٺ سالاري سولنگي، ڳوٺ چنيسر سميت 40 کان وڌيڪ ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي هن چيو ته عوام اڄ به پ پ سان گڏ آهي، پ پ اميدوار اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندا، هن چيو ته ملڪ جون حالتون بھتر نه آھن پر يقين آھي ته اليڪشن ٿيندي ۽ مخالفن کي تاريخي شڪست ملندي، هوڏانهن سيد جاويد شاهه جي هٿ تي يوسي ڳاڙھي موري جي چيئرمين طارق علي مھر، آزاد اميدوار عبدالرحيم مھر برادري سميت جي ڊي اي کي الوداع ڪري پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو، ڳوٺ ملھيا ڌاريجو جي برادري جي فيض محمد ڌاريجو، غلام شبير ڌاريجو، علي ڏنو شيخ، وسيع اللھ ڌاريجو به جي ڊي اي سان 40 سالن جو تعلق ٽوڙي پ پ ۾ شموليت اختيار ڪئي.