ڳاڙهي مان چوپائي مال جو واپاري اغوا، ڌاڙيلن وارثن کي تشدد واري وڊيو اماڻي ڇڏي

0
20
ڳاڙهي مان چوپائي مال جو واپاري اغوا، ڌاڙيلن وارثن کي تشدد واري وڊيو اماڻي ڇڏي
ڳاڙهي مان چوپائي مال جو واپاري اغوا، ڌاڙيلن وارثن کي تشدد واري وڊيو اماڻي ڇڏي

ڪيٽي بندر(ن پ ا) ڳاڙهي جي ڳوٺ صادق خاصخيلي جو رهواسي چوپائي مال جو واپاري اغوا ٿي ويو آهي. سندس موبائيل نمبر تان ويڊيو وارثن کي موڪليو ويو آهي. ڳاڙهو ٿاڻي جي حد ڳوٺ صادق خاصخيلي جو رهواسي چوپائي مال جو واپاري محمد اشرف خاصخيلي جيڪو گذريل اربع ڏينهن گھران چيڪ ڪيش ڪرائڻ لاءِ ساڪرو نڪتو. جنھن  کانپوءِ گذريل چار ڏينهن کان غائب  ٿي ويو . ڌاڙيلن سندس تشدد واري وڊيو جاري ڪئي آهي.انهي سلسلي ۾ سندس وارثن محمد اسماعيل خاصخيلي محمد امين ٻڌايو ته چوپائي مال جو واپاري محمد اشرف خاصخيلي اربع ڏينهن گھران چيڪ ڪيش ڪرائڻ لاءِ ساڪرو نڪتو جنھن کانپوءِ ھن جو موبائل  فون بند اچي رھيو ھو ۽ ھن جي ڪافي  ڳولا ڪئي پر پتو نه پئجي سگهيو .گذريل رات سندس واٽس اپ نمبر تان اسان کي هڪ ويڊيو موڪليو ويو آهي جنهن ۾سندس هٿ پير ٻڌل آهن ۽ هن وقت ڌاڙيلن وٽ يرغمال آهي هنن ايس ايس پي ٺٽو ڊي آئي جي حيدرآباد سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته اسان جي ماڻھو کي ڌاڙيل کان آزاد ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.