ڳاڙهو (ن پ ا) ڳاڙهو، ڪيٽي بندر ۽ کاروڇاڻ سميت سوين ڳوٺ برساتي پاڻي هيٺ، فصل تباهه، انتظاميا پاڻي نيڪال لاءِ ڪي به قدم نه کنيا، تفصيل موجب، تازين برساتن سبب يوسي ٻيٽ ميهار جا ڳوٺ پريو پيروزاڻي، ايوب مورجهريو، حيدر پيروزاڻي، حاجي علو سوماراڻي، اسماعيل گوڙچ، غلام قادر ملاح، ڄاموٽ محمد ملاح ۽ سومار ملاح، يوسي ڪيٽي بندر جو ڳوٺ حاجي علي بخش جت، حاجي هاشم جت، عثمان دبلو ۽ خدابخش جت پاڻي هيٺ آھن، يوسي ٻيٽ ميهار جي چيئرمين الياس پيروزاڻي ٻڌايو ته ڳوٺ ۽ فصل پاڻي هيٺ آهن، جڏهن ته ڳوٺ علي بخش جت جي سماجي اڳواڻ بابوجت ۽ ٻين ٻڌايو ته ڳوٺ کي آيل حفاظتي بند ٽٽڻ جو خطرو آھي، فوري طور نوٽيس وٺي پاڻي نيڪال ڪرائي واهر ڪئي وڃي.