باغي عمر جي اُن اَڌ ۾ آھي, جنھن ۾ اڪثر ماڻھو واڻئي وانگر، “وھي کاتي جا پَنا” کولي ويھي رھندا آھن، ۽ ويٺا ليکا چوکا ڪندا آھن، رَکتون، رَھتون اوڳاڙڻ جي رٿابندي ڪندا آھن. ويندڙ جوانيءَ تي ويچارگي ۽ ايندڙ پيريءَ تي پشيمانيءَ سان پيا سوچيندا آھن. يا وري حياتيءَ جي ھَڻ ھَڻان کان پوءِ ڪي پل ڪنھن جي سِلڪي وارن جي واديءَ ۾ وِسرام وٺڻ چاھيندا آھن. نيڻن کي ننڊ جو نَشو ڏئي جَڳ جي جَهنجَهٽ کان جان بَچائي اوجاڳيل سَرير کي سُڪون جي سنگيت تي سُمھارڻ جا سپنا سانڍيندا آھن. گهر جي خرچن، راشن پاڻيءَ، پينشن جھڙين پَچارن ۾ پيا گهرن ۾ ھُل ھَنگاما ڪندا آھن، پُٽن ۽ ڌيئرن کي جنن، دَيون، ڀُوتن جي آکاڻين سان لُطف اندوز ڪندا آھن. ورد وظيفا ڪري آخرت جي آجائي جا تمنائي ٿيندا آھن. پر باغي شاعر هو، ھڪڙو مزاحمتڪار، سندس اندر ۾ اَزل کان ويٺل ھو. ۽ وري سندس شعوري اسٽيج تي ايندي ئي نظرياتي تعلق سنڌ جي عظيم عاشق مُحترم سائين جي ايم سيد سان جيئن ئي جُڙيو ته باغيءَ کي پنھنجي ڏات ڏيئا ڪرڻ جو چِٽو دڳ ملي ويو. باغي، مُڇين جي ساوَل وقت به سنڌ جي آزاديءَ جا گيت رچيا. اڄ پُختي ڄَمار ۾ به باغي انقلاب جا شعر سِرجڻ ۾ مَگن آھي. سيد جي پيغام، باغيءَ جي شاعري کي سُرخاب جا پَرَ ڏئي ڇڏيا. ۽ ھُن جي تخليقي سُونھن قومي تحريڪ جي سڄي قافلي کي پنھنجي سَحر ۾ وَڪوڙي ورتو. ۽ سيد سان لاڳاپجڻ کان پوءِ ڀِٽ ڌڻيءَ جي ھِي سون سَريکي سِٽ مَٿس ٺَھڪي اچي ٿي ته:
”رَتيءَ جي رِھاڻ جِيءُ اَڙايم جَت سيِن“
اُن رَتيءَ جي رھاڻ کيس اھڙو ته کڻي سوگهو ڪيو جو ھُو ڪڏھن به ورچي نه ويٺو. سدائين ميدانِ عَمل ۾ ڪڏھن ڪٿي، ڪڏھن ڪٿي. موسم ڪھڙي آھي، ماحول ڪھڙو آھي، باغي بي نياز، فقيرن جيان پيو ڦِرندو آھي. مون مَنجهس ندين جي رواني، ساگر جي گهرائي، جبل جي اَڏولتا ڏٺي آھي. ھينئر جڏھن وطن ولارجي ويو آھي، زمين سوڙھي ڪرڻ لاءِ سامراجي قُوتون ميگا مُصيبتن جھڙا شھر کڻي آيون آھن، ڌارين جي سونامي سنڌ جي واھڻ ۽ وَسندين کي وڪوڙيندي پئي وڃي، ڌرتيءَ جا پُٽ گُم آھن. ديس جو دامن زخمي ھَرڻ جيان رَتو رَت آھي، وطن جا ويڙھا ويران آھن، وقت جا واچوڙا، سُنھن ۽ ساک جي سِلن کي ڇَڻيل پَنن جيان اُڏائيندا ٿا وڃن. مٽيءَ جي مَھانتا گُم آھي. ڌرتيءَ جون ڌيئرون رَوا چيلھن ۾ ٻَڌي لٿيون آھن. تڏھن بخشل باغي “سنڌڙيءَ جو سوڳنڌ” کڻي ھڪ انقلابي سولجر وانگر ڪنھن سَت سَنگ جي گُرو گِيانيءَ جيان آزاديءَ جي قافلي سان گڏ پنھنجي اِنفرادي خواھشن جي پَرواھ ڪئي بغير ھلي رھيو آھي. نه ته ان اسٽيج تي ڪيئي نامور چھرا خسيس آسائشن جي حقير تمنائن خاطر سوديبازين جي صلي ۾ مليل ماٺ جي مَڪانن ۾ مُنھن مونن ۾ ھڻي فرضي خدائن اڳيان سجده ريز ٿي رھيا آھن. پر باغي سائين ايم سيد سان ڪيل اَلست جي عزم مُطابق پنھنجي غلام قوم جي خاموش زندگيءَ ۾ پنھنجي شاعري ذريعي جدوجھد جو روح ڦوڪي رھيو آھي. ھن پنھنجي زندگيءَ جو وڏو حصو شھيدِ وطن بشير خان قريشي ۽ سڀني وصفين سُھڻي ساگر حنيف بُڙدي سان گذاريو آھي. بشير خان ۽ ساگر سان گڏ گُذارڻ معنيٰ صدين جي سچ سان گُذارڻ جي برابر هو. جنھن صدين سچ سان گُذاريو ھُجي، اُن جي آتما آرامده ڪمرن ۾ آسيس ڪٿي ٿي ماڻي سگهي. مون کي اسان جو پيارو بخشل باغي ھنن حالتن ۾ اُن سُپهه سالار جھڙو ٿو لڳي، جيڪو رڳو سرحدن جي حفاظت لاءِ سپاھين جي صِفبندي نٿو ڪري پر پاڻ ھٿ ۾ بندوق کڻي مورچي ۾ ويھي ٿو. باغي جيڪو لکي ٿو سڀ کان پھرين پاڻ ئي اُن تي عمل به ڪري ٿو.
پياري باغي سان مُحبتن جي تشريح ڪرڻ جي ضرورت ان ڪري به ڪونھي ته ڪي ڪي رشتا ايترو وزن رکندا آھن جو جن جي وضاحت ڪرڻ غير ضروري لڳندي آھي. ھُو اسان لاءِ چنڊ ھوندو آھي ته اسين ڏانھس اُداس چَڪور وانگر اُڏامڻ جي آس رکندا آھيون. ڪڏھن ھُو گل ته اسين پاڻ کي ڀونئرا پيا ڀائيندا آھيون. فطرت جي فرشتن، پيار جي مُلائم مِٽي، درياهه سنڌ جو پاڻي، پگهريل جبلن جي گرمي، وُٺي جي ھوا کي گڏائي باغيءَ جو شاعراڻو اُفق تخليق ڪيو آھي. جنھن ۾ اُھي سڀ ڳُڻ آھن، جن ڳُڻن تي ڳالھائيندي اڪثر عاشق ڇوڪريون پَرين جي ننڊ جا پکي ٿي وينديون آھن. زندگيءَ جي جيڪڏھن ڪو ماڻھو مون کان ڊيفينيشن پُڇي ته آئون ڊِگهو جواب ڏيڻ جي بَجاءِ رڳو بخشل جي شاعريءَ جو نالو کڻي ڇڏيان. مون کي پتو ناھي جيڪي ماڻھو شاعريءَ کان پري رھن ٿا، اُنھن جي بور حياتي ڪيئن ٿي گذري. گهٽ ۾ گهٽ آئون ته ھِن جنم ۾ ته اھڙو ڪو فيصلو اَفورڊ نٿو ڪري سگهان. مون ته شاعريءَ جي واٽ تي پنھنجي وڃايل وقت جا پيرا ڇڏيا آھن. اُن ڪري جڏھن به دل روئڻ گُهرندي آھي، آئون بنا اطلاع جي ڪنھن نه ڪنھن شاعر وٽ ھليو ويندو آھيان، ۽ تخيل جي ڀاڪرن ۾ الا، حَسن درس جي لفظن ۾“ڪيڏي ڪوساڻ” ھوندي آھي.
باغي ڄاڻي ٿو ته اسين پاڻ ڪنھن گُمنام شاعر جي اُن نظم جھڙا ماڻھو آھيون، جنھن ۾ ھڪ اَنڌي ماڻھوءَ کي رستو پار ڪرائي موٽندڙ ڇوڪري واپسيءَ ۾ ٽرين ھيٺان اچي ڳڀا ڳڀا ٿي ويندي آھي. اسين پاڻ استاد عاشق علي خان جي ڳايل ڀيم پلاسي راڳ جي اُھا تان آھيون، جنھن کي ٻُڌي جيري جي پيوندڪاري ڪرائڻ لاءِ آپريشن ٿيٽر ۾ ويندڙ عورت جي اکين ۾ حياتي جي ڳاڙھي لڪير آزاديءَ جي جهنڊي جيان لھرائيندي آھي. ڪڏھن ڪڏھن آئون سڀني کان رُٺل ھوندو آھيان. ويندي پنھنجو پاڻ سان به، پر شاعري ۽ راڳ سان الائجي ڇو ڪڏھن به رُسي ناھيان سگھندو. باغيءَ جي مزاحمتي توڙي رومانٽڪ شاعري اسان کي راھِ مُسافت ۾ ماءُ جي شفيق ھٿن جھڙو حوصلو بخشيندي آھي. آئون تڏھن ته کيس چوان ٿو ته باغي! تون الجبرا ۽ ميٿاميٽيڪس جھڙو ڏکيو ته ڪونه آھين، پوءِ توکي اُھي ماڻھو ڇو سمجھي نٿا سگهن، جيڪي پنھنجي تيز ذھانت جي زور تي ڪائنات کي قابو ڪرڻ جا دعويدار آھن. خير ڇڏ اِن ڳالهه کي. پاڻ کي اُھي درد به انھن لاغرض دوستن وانگر دادلا آھن، جيڪي پاڻ کي اڪثر ائين ڇڏي ويندا آھن، جيئن پنھنجي پريميءَ سان فرار ٿيندڙ عورت پنھنجا پھريان ٻارَ بس اسٽينڊ تي ڇڏي ڀَڄي ويندي آھي. آئون نواب شاهه جي خوبصورت وڻن ۽ شاداب زمينن جي ذريعي زرخيز ٿيندڙ شامن کي تحسين ٿو ڏيان، جن باغيءَ کي جنم ڏنو. جنھن پنھنجو ناتو ٻالڪپڻ ۾ سنڌ وطن سان جوڙيو. جنھن جي طفيل اسين ساڻس ملياسين. ملياسين ڇا، ڄڻ سوگها ٿي وياسين. ھن پنھنجي لامحدود ڀاڪرن ۾ ڀِڪوڙي اسان جا اَزلي ٿَڪ لاٿا. اڄ سندس ڪَوتا ڪتاب “سنڌڙيءَ جو سوڳنڌ” تي دل جي باطني ڪيفيتن جون ڳالھيون ساڻس شيئر ڪرڻ ٿو چاھيان ته: باغي! مون تنھنجو شاعريءَ جو ڪتاب “سپنو سنڌوديش جو”، جڏھن پڙھيو ته ڄڻ پنھنجو پاڻ کي ڊِسڪَور ڪيو. تنھنجا غزل مون کي ساگر حنيف جي ٽھڪن وانگر وڻندا آھن. منھنجي دنيا دوستيءَ جي دم سان آباد رھي آھي. توھان ٻنھي (باغي ۽ ستار سُندر) اُن دنيا ۾ خوبصورت اضافو آھيو. جن جي ملڻ سان منھنجو خاليپڻو ڀرجي ويو. مون کي اندر جون اُونھيون ڳالھيون سَلڻ جو سبب ملي ويو. مارڪيٽنگ ۽ ڪمرشل اَزم جي ماحول ۾ ڪارپوريٽ ٿي ويل تعلق دارين ۾ تون نِج نِبار کير وانگر اُجرو ۽ روشنيءَ جيان اَڻ کُٽ آھين. اُن عمل منھنجو رشتن تي يقين بچايو آھي. نه ته ھتي ھفتي ۾ ماڻھو وڙھي چَٽ ٿيندا آھن. گِلا جو ٺَڪاءُ ھوندن، ھڪ ٻئي مان ويٺا عيب ثواب ڪڍندا. پر پاڻ اھڙين ستمگر حالتن مان به پاڻ بچائي نڪتا آھيون. اھو مُحبتن جو مُعجزو آھي. اُن جو ڪريڊٽ به آئون توکي ۽ ستار سندر کي ٿو ڏيان. نه ته اسين عيبن ھاڻا ماڻھون جن کي اُھي به ڇڏي ويا، جن بِنا جيئڻ جو تصور گُناھ ھو. ڪِن کي اسان جون عادتون ڪونه وڻيون، ڪِن کي اسان جي زندگي گُذارڻ جو ڍنگ پسند ڪونه ھو، ڪِن کي سياست سان سُٻند نه ھو، ڪي رولاڪين جو رُخ موڙڻ جي ڪوشش ۾ ھئا. پر پنھنجي ذاتي، فڪري ۽ نظرياتي دوستي سڀني شين کان مٿي ٿي بيٺي، جو پاڻ ھڪ ٻئي جا ڏُک سُک وَنڊي کڻي ورتا. اڄ تون آئون، آئون تون ۾ تبديل ٿي ويا آھيون. سڀ سنڌا ميسارجي ويا آھن. توکي تنھنجي تخليق جي نئين صبح جھڙي نِڪور ڪتاب “سنڌڙيءَ جو سوڳنڌ” جون اَٿاھ دل سان واڌايون ٿو ڏيان. ھي ڪتاب جيڪو پنھنجي نالي ۾ سُندرتائن جي حسين ڪائنات جھڙو ٿو لڳي. اُن ۾ موجود تخيلاتي بُلند پَروازي سندس ڪاميابيءَ جي ضمانت آھي. ھن ڪَوتا ڪينواس تي سنڌ جي جبري طور وڃايل نوجوانن جي وڇوڙن جون ڪٿائون چِٽيل آھن، ته ٻوڏن جي وَھڪرن ۾ وِکري وَيل وارتائن جا ڏُکَ به ڏسي سگهجن ٿا. اَغوا ٿيل ڌرتيءَ جي شھرن جا اَلميا به ھتي ملن ٿا ته ايڪتا جي پُرجوش ڪيفيتن جا رنگ به آويزان آھن. شھيدن جا مَرثيا به ھتي لکيل آھن ته سامونڊي ٻيٽن جي وڪجي ويل عظمت جا دُکدائڪ منظر به موجود آھن. ايئن باغيءَ جي ھِن ڪتاب ۾ لطيف سائينءَ وانگر مُتضاد حالتن تي موجود اَنيڪ شعر پَکڙيا پيا آھن. جن ۾ سنڌ ديس جي ماڻھن جا فِراق، وِصال، ڀُومي ۽ ڀُومي جي ٻولي، سندن بي آبرو ٿيل خواب، اُجاڙ اُجاڙ بَستيون، ڊَٺل ڳوٺ، ويندڙ عمر جا ڏُک، ھڪ پوري وطن ۽ اُن ۾ آباد ھڪ سڄي قوم ۽ اُن قوم جا اجتماعي تصور، گڏيل ڏُک، مَٿن مَڙھيل ڀيانڪ حالتون، اُنھن سنگين حالتن جا ڪيڏارا. اُھو سڀ ڪُجهه محسوس ڪرڻ لاءِ بخشل باغيءَ جو ھِي ڪتاب، “سنڌڙيءَ جو سوڳنڌ” پڙھڻو پوندو.