ماڻھوءَ جو ماضي ڇڙو سندس اڪيلي جي ڪھاڻي ناھي ھوندو، ان ۾ گذري ويل ھڪڙو پورو دور لڪل ھوندو آھي. آئون نجي ۽ سياسي زندگيءَ جي گھماگھميءَ سبب پنھجي کٽين مٺين يادگيرين جا تاڪيا کوليندي کوليندي رھجي ويندو آھيان، حالات ايتري تيزيءَ سان پيا بدلجن، ڄڻ ڪنھن گجر جي گج تان سج جا ڪرڻا ترڪندا ھجن ساعتن ۾ ڄڻ ڪي صديون لنگھيو وڃن، ھر لمحو ماضيءَ جي پاتال ۾ ڪرندو ٿو وڃي، ان لمحي ۾ الائجي ڇا ڇا ٿيو وڃي، ڪٿي ڪنھن ٽينس کيڏندڙ ناريءَ جي پيرَ جي آڱوٺي کي موچ اچيو وڃي، ڪٿي ڪو موسيقار نئين ڌُن ٺاھيو وٺي، ڪٿي وزيراعظم کان ڪرسي کسجيو وڃي، ته ڪٿي ڪا محبوبا پنھنجي عاشق کي پھرين چُمي ڏيو وٺي، ڪٿي ڪو بلڊر زمين تي قبضو ٿو ڪري، ته ڪٿي ڪو اليڪشني اُميدوار ڪنھن وڏيري جي آڏو ھٿ کڻي سندس قدم بوسي ڪري ٿو وٺي. ڪشمير ۾ گوليءَ جو آواز ٿو ٻري، ته مستونگ ۾ ھڪڙي بلوچ ڪارڪن جو چچريل لاش ٿو ملي، سنڌ ۾ ڪو ٻارڙو اغوا ٿو ٿئي ته جديد نوم سٽي ۾ سلمان خان جا فلمي پوسٽر لڳيو وڃن، ان لمحي ۾ جتي ملائيشيا جي ساحل تي اڌ اُگھاڙيون ڇوڪريون سن باٿ ٿيون وٺن، ان لمحي ۾ جيڪب آباد ۾ ڪا سنڌي نياڻي ڪاري ڪري ماري ٿي وڃي، حيات جو ھِي بنا سوار جي پنھجي رفتار سان ھلندڙ گھوڙو ٽپ ٽپ ٽپ رمندو ٿو وڃي، پويان قصا، ڪٿائون ۽ ڪھاڻيون جڙنديون ٿيون .وڃن ھاڻ ھجي ڪو ڪاتبِ تقدير، جيڪو ساروڻن جي ايتري جم غفير کي سھيڙي سگھي، اسين ته روين جا شھيد، سنگدلين جا مسافر، سدا عمر سفر ۾، ڪا گھڙي ڪٿي وسرام ملي ته پنھنجي انفرادي اعمال نامن ۽ اجتماعي المين کي رقم ڪري ايندڙ نسلن کي ڪا سمجھ ڀري لکت ڏئي وڃون.
اسان جي ڳوٺ جو ذڪر اڳ ۾ ٿي چڪو آھي، ھر ماڻھو لاءِ ھن جو ڳوٺ دنيا جو خوبصورت وطن ھوندو آھي، ان وطن ۾ سندس وڏڙن جي قبرن سان گڏ اُتي موجود وڻن ٽڻن، واھن شاخن، پکين، مال جي وٿاڻن، اوطاق جي پڌر، گذر گاھن، جانورن سان سندس فطري انس ھوندو آھي، ان ڳوٺ ۾ ڪو پوڙھو الھبچايو ننڍڙو ريزڪي دُڪان ھلائيندو آھي، ڪو علي غلام ڌنار مينھون چارڻ سان گڏ چنگ به وڄائيندو آھي، ڪو جوسب جوڳي مُرليءَ تي نانگ به نچائيندو آھي، ڪو غلام شاهه مالَ جو واپاري به ھوندو آھي، ڪو خمسيو شڪاري به ھوندو جيڪو سوئرن جي مھاڙي ۾ مشھور ھوندو آھي. ڪا مائي حاجران به ھوندي آھي، جيڪا لسيءَ جي ماٽي مٿي تي کڻي گھر گھر ورھائيندي آھي، ڪو ڌنو والي بال جو ڀلوڙ رانديگر به ھوندو آھي، ڪنھن صغريٰ ۽ سانوڻ جي عشق جي قديم ڪٿا به ھوندي آھي، ڪي ڀوڳائي، ڪي ٽپتائي، ڪي جُواري، ڪي ساٽڙيا چور، ڪي شاعر، ڪي لوڪ ڏاھپ جا مھندار، ڪي توبچي، ڪي راڳائي، ڪي معتبر، ڪي ڏاميچ، ڪي ڪربلائي، ڪي شيعا، ڪي سني، ڪي درگاھي معتقد، ڪي چرس جا موالي، ڪي ڏنڊي ڪونڊي جا مشتاق، ته ڪي سٺا ھاري، ڪي زميندار، ته ڪي وري ڪتائي، ڪن جو مشغلو سرمدي عشق، ته ڪي وري ڀلين بندوقن جا شيدائي، سڄي سنڌ جي ھزارين ٻين ڳوٺن جيان اسان جي ڳوٺ جي ننڍڙي دنيا به مٿي ڄاڻايل مختلف ڪردارن سان ڀريل ھئي، جن مان وڏي اڪثريت ھاڻ يا ته پر لوڪ پڌاري فنا کان بقا ڏانھن ڪوچ ڪري چڪي آھي يا زماني جي رڃ ۾ ڪي ڪردار ڪٿي وڃائجي ويا، انهن ڪردارن کي ياد ڪري نئين زماني سان متعارف ڪرائڻ مقصود اٿم، ڪوشش ڪندس ته سندن سلسلا ھنن ڇڙوڇڙ صفحن جي زينت بڻائي سگھان.
اسين ننڍڙا ھئاسين ته اسان جي ڳوٺ ۾ اسان جا ٻه عزيز مزيدار انسان سيد غلام شاهه ۽ سيد خدا بخش شاهه عرف خدو شاهه ھوندا ھئا، ٻئي پيشي جي لحاظ کان واپاري ھئا پر مزاجن دلچسپ ڳالھين جا ڳوٺ، جملن جا باشاھ ھئا. غلام شاهه قد جو پورو پنو، مٿي تي اجرڪ جو پٽڪو، پوري پني ڏاڙھي، جنھن کي روز خضاب ھڻندو ھو، وات ۾ ھر وقت پان، دلچسپ ايترو جو توھان چئو ته غلام شاهه ڪالھ فلاڻي ھمراهه جي شاديءَ جو ڀت واھ جو ٿيو، يڪدم منفرد انداز ۾ چوندو، ٻيلي خبرون کڻي ڇڏ! مون اھڙو ڪاڄ ڪنھن مڙس جو ڪونه ڏٺو، بلي بلي…ٻيلي مڙس ڪاڄ ڪري ڏيکاريو. وري جي توھان پلٽو کائي چئو ته سائين غلام شاهه ڪاڄ ۾ ڀينسان ماني مزي واري ڪونه ھئي، يڪدم گار ڏئي چوندو، بابا خوار ڪري ڇڏيائين، ھر ماڻھوءَ پئي گلا ڪئي، ڀلا ڪنھن پٽڪو لاٿو ھئس ڇا ته اھڙي خُواري ڪري ٽڪي جو ٿي ويو!
روايتي طور مذھب جو اسان سڀني تي عمر جي ھڪڙي حصي ۾ خاصو اثر رھي ٿو، منھنجو به ڪافي عرصي تائين مذھب جي ظاھري عبادت ۽ رياضت ۾ وڌيڪ ويساھ ويٺل ھو، ڪافي عرصو اھلِ تشيع جي عقيدي موجب زندگي گذاريندو ھئس، اڄ به حُسيني ھجڻ تي نازان آھيان، حُسينيت جو فلسفو وقت جي ھر يزيد سان صداقت جي ويڙھ وڙھڻ جو نالو آھي، آئون فخر سان چوان ٿو ته، سيد جو آزاديءَ وارو نظريو به ڪربلا جي فڪر جو تسلسل آھي. اسين اڄ جي يزيد سان مدمقابل آھيون. مون پنھجي دوستن سيد عمران شاهه، پپو شاھ باغائي، شھزاد شاهه حسيني، سرور شاهه ڀاڏائي، اظھر شاهه ۽ اسان گڏجي ھڪڙي سال “اتحاد المومنين” جي نالي ھڪڙي تنظيم به جوڙي ھئي، جنھن جو مقصد غريب مومنن جي مالي ۽ اخلاقي مدد ڪرڻ ھو، يادِ حُسين ۾ مجلسون برپا ڪرائڻ، ڪثرت سان عاشوري جا ڏينھن، علمائن جا ذڪر، واعظ ڪرائڻ/ٻڌڻ، نوحا خواني ڪرڻ ۾ مشغول رھياسين پر لاڳيتي تجربي جستجو قومي تحريڪ ۽ سائين جي ايم سيد جي نظريي سان علمي ويجھڙائپ ڪافي مونجھارا دور ڪيا، اڳي جيڪا ڇڪ ظاھري شين طرف ھئي، ان کي باطن جو جلوو ڏٺو ته حيات ۽ ڪائنات جا نوان جھان دريافت ٿي سامھون آيا، مذھب ۽ عقيدي جو دائرو سوڙھو ھو، فڪر ۽ وجدان جي پکيڙ زمان ۽ مڪان جا پردا چيريندي اُڀري آئي، اڳ ۾ خدا کي مخصوص دوربين مان ڏسبو ھو، ھاڻي ته خدا ھر مظھر ۾ مسڪرائيندي ٿي مليو، ذات پات، رنگ نسل، مذھب جا ويڇا مٽجي ويا، مون تصوف کي پڙھڻ شروع ڪيو ته چوڏھن طبق روشن ٿي ويا، مولانا رومي، رھبر لطيف، سچل سرمست، امام غزالي، حضرت جنيد بغدادي، بو علي سينا، داس ڪبير، شاهه شريف ڀاڏائي، ٽئگور ۽ سائين جي ايم سيد مونـکي اوجھڙ مان ڇڪي ٻاھر ڪڍيو! ته ذڪر پئي ڪيم پھرين روزي جو….رمضان آيو آئون ننڍڙو ھجان، گھر ۾ روزن جون خبرون چارون، ٻاھر ھڪ جيڏن جي واتان افطارين جا چسڪا ٻڌي دل چيو روزو رکندس، سو ھڪڙي ڏينھن گھر اچي ٻائيتال مچايم ته اڄ رات مون کي روزو رکرائجو، گھر ڀاتين گھڻي ڇڏ ڇڏان ڪئي پر مون فيصلو ڪيو ته سحريءَ تائين ڪونه سمھندس، سو بستري تي پيو جاڳان، ننڊ جو جھٽڪو اچي ته اُٿيو وڃو مُنھن ڌويو اچان، وري ڪيڏي مھل کنڊ ويٺو کاوان ته ڪيڏي مھل پسار پيو ڪريان ته متان سمھي پوان. نيٺ ھڪڙي ٽرڙي ڪڪڙ ٻانگ ڏني، مون سمجھيو سحريءَ جو وقت ٿي ويو آھي، سو پٽي گھر ناني کي اٿاريم، ھن سانجھاڻ ڪئي، اسان کاڌو پيتو، آئون تڙ تڪڙ ۾ کائي پي وڃي ستس پر رات کُٽي نه مولوي حضرات چپ. آئون سوچن ۾ ته ھِي ڇا آھي، رات ڇو نٿي کُٽي، لھي اندر ڪمري ۾ لڳل گھڙيال ۾ ٽائيم ڏٺم ته رات جا مس 2 ٿيا ھئا، بھرحال ننڊ پئجي ويس. اسر جو وري اک کُلي، لھي ٻيھر مانيءَ کي ٻرو ڏنم. ٻانگ تائين پاڻيءَ جا گلاسن مٿي گلاس نوش ڪندو رھيس، دل ۾ سوچيم ايترو پاڻي پيان جو سُڀاڻي اُڃَ نه لڳي. ٻئي ڏينھن ٺيڪ 12 بجي روزو چئي جھل پير، بُکَ ته پنھجي جاءِ تي، اُڃَ مرڳو ساھ پئي ڪڍي. ھڪڙي ترڪيب سوچيم ته گھڙيال جو ڪانٽو اڳتي ڪريان، سو گھڙيال لاھي ڪانٽو 4 تي بيھاريم، ٿورو انتظار ڪيم پر سج لھڻ جو نالو نه وٺي. ھاڻي اصل وٽ پيو کاوان گھر وارن سان پنھجي حالت زار جو ذڪر ڪيم، جن چيو ته، روزو ٽوڙي ڇڏ، وري ڪفاري ۾ فقيرن کي ماني کارائجان پر ايمان جو پختو سو ڪٿي ٿو سرعام اھڙو گناھ ڪريان، اوطاق تي ويس، اُڃَ ويھڻ نه ڏئي، نيٺ پنھجي ننڍپڻ جي دوست سينگار شاهه وٽ ھليو ويس، کيس سڄي صورتحال جي آگاھي ڏنم، ھن ڳوڙھي ويچار کان پوءِ پنھجي علمي ۽ منطقي راءِ ڏيندي مون کي چيو ته، ان ۾ ٽينشن وٺڻ جي ڪا ضرورت ڪونھي، تون ھينئن ڪر جو شاخ ۾ وڃي تڙ ڪر، پوءِ گھري ٽٻي ھڻي اندر پاڻي پي ڇڏ، ڪير ڏسندو به ڪونه! سندس ان صلاح ڄڻ مونکي مائونٽ ايورسٽ جي چوٽيءَ تان لاھي ڇڏيو. بس دير ئي نه ڪيم، سڌو وڃي گنبالي شاخ ۾ پاڻ کي ڇڏيم، ھڪ گھري ٽٻيءَ ۾ ھيٺ وڃي دل کولي پاڻي پيتم، ڏاڍو پرسڪون ٿي گھر آيس، شام جو دل کولي افطاريءَ ۾ حصو ورتم. دل ۾ خوش ھجان ته روزو به رھجي آيو، پاڻي به پيتم، ڪنھن ڏٺو به ڪونه!
اسان جو ڳوٺ سنڌ جي سابق تخت گاهه ضلعي ٺٽي جي اندر پنھجي سياسي ۽ علمي ادبي سرگرمين جي ڪري ھڪڙي منفرد حيثيت جو حامل رھيو آھي، جتي انگريز دور کان وٺي تحريڪِ پاڪستان تائين بعد ۾ سائين جي ايم سيد جي آزاد سنڌ وطن واري ھلچل تائين جا گھرا اثرات رھيا آھن، رھبرِ سنڌ سائين جي ايم سيد جڏھن ڪراچي لوڪل بورڊ جو وائيس چيئرمين، بعد ۾ چيئرمين ٿيو، ان وقت سندس تعلق اسان جي وڏي سيد حاجي شاهه ڀاڏائي سان بنھ ويجھڙو رھيو، اسان جي ڳوٺ سائين جو ڪافي ڀيرا اچڻ ٿيو، جنھن جو ذڪر سيد سائين پنھجي لافاني ڪتاب “جنب گذاريم جن سين” ۾ ڪيو آھي. سائين کان علاو اسان جي ڳوٺ شھيد سورھيه بادشاهه ۽ شھيد الله بخش سومرو، پير پاڳارو شاهه مردان شاهه ۽ فاطما جناح به ڏاڏا سائين سيد علي گوھر شاهه وٽ آيا، جن جو تفصيلي ذڪر اڳتي ھلي ايندو. اڇا! آئون اوھان کي اسان جي خاندان جي حسبِ نسب متعلق ٿورو ٻڌائيندو ھلان. روايت موجب، اسان جو شجرو حضرت امام موسيٰ ڪاظم سان ملي ٿو، صديون اڳي اسان جا وڏڙا ھجرت ڪري ايران کان ھندستان آيا، ھندستان جي ڏاکڻين پاسي ڪڇ ڀڄ ۾ اچي قيام پذير ٿيا، تاريخ تي گھڻي دز چڙھي وڃڻ جي ڪري اسان تائين پھتل معلومات مطابق ته اتي اسان جي تڙ ڏاڏي صوفي بزرگ سيد عبدالغفور شاھ جي درگاھ اڄ به آھي، جيڪا ڪڇ ڀڄ جي علائقي اُچ شريف ۾ واقع آھي. اُتي رھائش دوران اسان جو خاندان غفوراڻي سيدن جي نالي سان اُچاريو ويندو ھو. 1970ع کان پوءِ ھڪ طرف ھن ملڪ طرفان پيل پابندين جي ڳرين زنجيرن، لوھي سلاخن جي ڪري، ٻيو اسان جي ھتي مقيم خاندان جي عدم توجھ جي ڪري اسان جو عملي طور ڪڇ ۾ رھندڙ پنھجي عزيزن سان رابطو مڪمل ڪٽيل رھيو آھي. البته اُتان کان آيل ڪن ماڻھن زباني ڪلامي نياپن ذريعي اُتان مائٽن جي ٿوري گھڻي معلومات وقتن بوقتن پئي ڏني آھي. غالبن مغل اورنگزيب جي زماني ۾ مقامي طور ڪن اڻ وڻندڙ حالتن سبب اسان جي ھڪڙي بُزرگ سيد ڇٽن شاھ ڪڇ ڀڄ کان ھجرت ڪئي ۽ سنڌ جي علائقي کيسانه موري ويجھو ٽنڊوڄام ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي، ان علائقي کي آبڙي شريف به چيو وڃي ٿو، ڇٽن شاھ خدا ترس، الله لوڪ انسان ھو، جنھن اُتي تصوف جي پرچار شروع ڪئي، جنھن تان مڇرجي ملن ۽ مقامي زميندارن کيس ٻاھران آيل ڌاريون سڏي سندس مخالفت شروع ڪئي، کيس جاني نقصان پھچائڻ لاءِ مٿس حملا به ڪيا ويا، ھن ھڪڙي ڀٽ تي ھجرو ٺاھيو، اُتي ويھي وقت جي جابرن، جاگيردارن ملن ۽ قبضا خورن خلاف آواز اُٿاريندو ھو، ھڪڙي راءِ موجب ته جيئن ته اھو زمانو مغلن جو ھو ۽ سنڌ تي مغل گورنر ٿاڦيل ھئا ۽ ان وقت ھتي شاھ عنايت شھيد جي “جيڪو کيڙي سو کائي” تحريڪ به ھلي ھئي. ممڪن آھي ته سيد ڇٽن شاھ جي نسبت ۽ ڳانڍاپو شاھ شھيد جي تحريڪ سان ھجي ڇو ته شھيد شاھ عنايت جي تحريڪ به طبقاتي ھئي، ھارين جي حڪمراني ۽ جاگيرداريءَ جي خاتمي لاءِ برسرِ پيڪار ھئي، سيد ڇٽن شاھ به جاگيرداريءَ خلاف ٽنڊوڄام، نصرپور ۽ ان پرڳڻي ۾ مدمقابل ھو. غالب امڪان آھي ته ڇٽن شاھ جي جھدوجھد شاھ شھيد جي فڪر سان منسلڪ ھجي پر اڻپوري تحقيق جي طرز تي لکيل سنڌ جي تاريخ وٽان باضابطه ان قسم جي ڪا نشاندھي نٿي ٿئي، ڇٽن شاھ ٿوري گھڻي شاعري به ڪئي، جيڪا سندس پوٽي، وقت جي وڏي صوفي، سنڌ جي عظيم ڪلاسيڪل شاعر شاھ شريف ڀاڏائيءَ جي رسالي ۾ شامل ڪئي وئي آھي. رسالو شاھ شريف ڀاڏائي جو نامور محقق ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ 1966ڳ ۾ سھيڙيو، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ ڇپرائي پڌرو ڪيو. ھن وقت اھو رسالو اڻلڀ ٿي چڪو آھي، خود ادبي بورڊ ڪڏھن سنڌ جي ھن بي بھا علمي خزاني کي ٻيھر شايع ڪرڻ جي زحمت نه ڪئي، نه وري “سخاوت کاتي” کي سياسي تعصب جي ڪري اھڙي تڪليف وٺڻ جي ضرورت پئي. جڏھن سسئي پليجو وزير ھئي، تڏھن سنڌ جي ڪن گھڻ گھرن اھڙي ڪوشش وٺي سمري تيار ڪئي، جيڪا سياسي اختلافن جي ڪري اها وزير رد ڪري ھا پر ان کان اڳي سندس “ذاتي ملازم” رد ڪري ڇڏي.